اسلام آباد- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ نار ملڪن کي ڪيل مجموعي روانگي واپار مان 66.21 سيڪڙو روانگي واپار گڏيل عرب امارات کي ڪئي وئي. وفاقي شمارياتي اداري (پي بي ايس) مطابق جولاءِ کان سيپٽمبر 2026ع دوران نار ملڪن کي مجموعي قومي روانگي واپار مان 66.21 سيڪڙو روانگي واپار يو اي اي کي ڪيو ويو جڏهن ته ٻئي نمبر تي مجموعي روانگي …
نار ملڪن کي ڪيل مجموعي روانگي واپار مان 66.21 سيڪڙو گڏيل عرب امارات کي ڪئي وئي

مزید خبریں
اسلام آباد- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ نار ملڪن کي ڪيل مجموعي روانگي واپار مان 66.21 سيڪڙو روانگي واپار گڏيل عرب امارات کي ڪئي وئي. وفاقي شمارياتي اداري (پي بي ايس) مطابق جولاءِ کان سيپٽمبر 2026ع دوران نار ملڪن کي مجموعي قومي روانگي واپار مان 66.21 سيڪڙو روانگي واپار يو اي اي کي ڪيو ويو جڏهن ته ٻئي نمبر تي مجموعي روانگي واپار جو 19.45 سيڪڙو حصو سعودي عرب ۽ باقي 14.34 سيڪڙو روانگي واپار ٻين 5 نار ملڪن کي ڪيو ويو. اهڙي طرح جاري مالي سال جي شروعاتي ٽن مهينن دوران نار ملڪن مان سڀني کان وڌيڪ روانگي واپار گڏيل عرب امارات کي ڪوي ويو ۽ سعودي عرب ٻئي نمبر تي رهيو.










