حرمين شريفين مسلمانن جي ريڊ لائين آهي، ان جي سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو: طاهر محمود اشرفي

اسلام آباد - 25 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ انٽرنيشنل حرمين شريفين ڪائونسل جي جنرل سيڪريٽري حافظ طاهر محمود اشرفي  مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره مان مليل بيلسٽڪ ميزائيل حملن جي اطلاعن تي شديد ڳڻتي ۽ مذمت جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته حرمين شريفين  ٻه ارب مسلمانن جي ريڊ لائين آهي ان جي تقدس ۽ سلامتي تي حملي جي ڪا به ڪوشش قبول نه …

اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ انٽرنيشنل حرمين شريفين ڪائونسل جي جنرل سيڪريٽري حافظ طاهر محمود اشرفي  مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره مان مليل بيلسٽڪ ميزائيل حملن جي اطلاعن تي شديد ڳڻتي ۽ مذمت جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته حرمين شريفين  ٻه ارب مسلمانن جي ريڊ لائين آهي ان جي تقدس ۽ سلامتي تي حملي جي ڪا به ڪوشش قبول نه ڪئي ويندي. آچر تي جاري بيان ۾ هن چيو ته مسجد اقصيٰ  کان پوءِ بيت الله ۽ مسجد نبوي صلي الله عليھ وسلم کي نشانو بڻائڻ جي ڪنهن به ڪوشش خلاف پوري مسلمان امت گڏ هوندي. حافظ محمد طاهر محمود اشرفي  خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کان اسلامي تعاون تنظيم جي فوري هنگامي اجلاس گهرائڻ لاءِ قدمن جو مطالبو ڪندي چيو آهي، ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل به فوري اجلاس گهرائي دهشتگردي جي انهن خطرن خلاف فيصلائتا قدم کڻي.

مزید خبریں