پاڪستاني سفارتخاني جي باڪو انٽرنيشنل بڪ فيئر ۾ شرڪت، ملڪي ادبي ورثي جي نمائش ڪئي

باڪو- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ منعقد 12 هين باڪو انٽرنيشنل بڪ فيئر ۾ پاڪستاني سفارتخاني تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزارت ۽ نيشنل بڪ فائونڊيشن جي شراڪت سان ملڪي ناليوارن اديبن جي ڪم جي نمائش ڪئي. هتي جاري بيان مطابق پاڪستاني ڪتابن جي ان مجموعي ۾ ناول، شاعري، سفرناما ۽ ٻارن جو ادب شامل هو جنهن ذريعي ميلي ۾ آيل ماڻهن …

باڪو- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ منعقد 12 هين باڪو انٽرنيشنل بڪ فيئر ۾ پاڪستاني سفارتخاني تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزارت ۽ نيشنل بڪ فائونڊيشن جي شراڪت سان ملڪي ناليوارن اديبن جي ڪم جي نمائش ڪئي. هتي جاري بيان مطابق پاڪستاني ڪتابن جي ان مجموعي ۾ ناول، شاعري، سفرناما ۽ ٻارن جو ادب شامل هو جنهن ذريعي ميلي ۾ آيل ماڻهن کي پاڪستان جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي ورثي بابت آگاهي جو موقعو مليو.

آذربائيجان جي ثقافت واري وزارت جي انتظام هيٺ منعقد ان ڪتاب ميلي جو موضوع ”زندگي اسڪرين کان ڪيترائي ڀيرا وڏي آهي: هڪ ٻار، هڪ ڪتاب، هڪ حقيقي دنيا“ هو. ميلي ۾ مختلف ملڪن جي ليکڪن، نشر ڪندڙن ۽ ادبي ادارن شرڪت ڪئي جنهن جو مقصد مطالعي کي هٿي ڏيڻ، ڪتاب دوستي ۽ عالمي ثقافتي مٽا سٽا کي هٿي ڏيڻ هو.

باڪو انٽرنيشنل بڪ فيئر ۾ پاڪستان جي شرڪت ادب ۽ ڪتابن ذريعي پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ گڏيل افهام تفهيم ۽ ثقافتي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي برادر ملڪن وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.

مزید خبریں