اسلام آباد- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت وفاقي وزير شزه فاطمه خواجا ڏکڻ ڪوريا جي گادي واري شهر سيئول ۾ مشهور پينگيوٽيڪنو ويلي جو اهم دورو ڪيو، پينگيوٽيڪنو ويلي آمد تي وفاقي وزير کي عالمي ٽيڪنالاجي مرڪز جي طريقيڪار ۽ جديد ايجادن تي بريفنگ ڏني وئي، وفاقي وزير کي مصنوعي ذهانت، سيمي ڪنڊڪٽرز ۽ جديد ڍانچي کي هٿي ڏيڻ بابت به آگاهه ڪيو ويو. …
انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت وفاقي وزير پاران سيئول ۾ مشهور پينگيوٽيڪنو ويلي جو دورو

مزید خبریں
اسلام آباد- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت وفاقي وزير شزه فاطمه خواجا ڏکڻ ڪوريا جي گادي واري شهر سيئول ۾ مشهور پينگيوٽيڪنو ويلي جو اهم دورو ڪيو، پينگيوٽيڪنو ويلي آمد تي وفاقي وزير کي عالمي ٽيڪنالاجي مرڪز جي طريقيڪار ۽ جديد ايجادن تي بريفنگ ڏني وئي، وفاقي وزير کي مصنوعي ذهانت، سيمي ڪنڊڪٽرز ۽ جديد ڍانچي کي هٿي ڏيڻ بابت به آگاهه ڪيو ويو. انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت طرفان جاري پڌرائي مطابق پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا ڊيجيٽل معيشت ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير شزه فاطمه خواجا چيو ته پاڪستان، ڏکڻ ڪوريا جي جديد ٽيڪ ماڊلز مان ڀرپور فائدو حاصل ڪندو، ٻڻهي ملڪن وچ ۾ فني معلومات ۽ تجربن جي ڏي وٺ تي اتفاق ڪيو ويو. هن چيو ته ان جو مقصد نوجوانن لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جا نوان رستا هموار ڪرڻ ۽ روشن موقعا فراهم ڪرڻ آهي، پاڪستان ۽ ڪوريائي اسٽارٽ اپس وچ ۾ گڏيل شراڪت ۽ گڏيل منصوبن جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. شزه فاطمه خواجا جي دوري جو بنيادي مقصد پاڪستان جي ڊيجيٽل ويزن کي هٿي ڏيڻ ۽ عالمي ٽيڪ ادارن سان سهڪار وڌائڻ آهي.










