لاهور- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) ريلوي جي وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي هدايت تي پاڪستان ريلويز ۾ ٽرين آپريشن کي محفوظ بڻائڻ ۽ حفاظتي انتظام وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ 31 ڊسمبر تائين هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون آهن جنهن تحت فيلڊ آفيسرن جون سموريون موڪلون ٽن مهينن لاءِ رد ڪيون ويون آهن جڏهن ته آفيسرن کي آچر تي به فيلڊ ۾ وڃي ٽرين آپريشن جي نگراني ڪرڻ جي …
پاڪستان ريلويز ۾ 31 ڊسمبر تائين هنگامي حالت لاڳو، فيلڊ آفيسرن جون موڪلون رد

مزید خبریں
لاهور- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) ريلوي جي وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي هدايت تي پاڪستان ريلويز ۾ ٽرين آپريشن کي محفوظ بڻائڻ ۽ حفاظتي انتظام وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ 31 ڊسمبر تائين هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون آهن جنهن تحت فيلڊ آفيسرن جون سموريون موڪلون ٽن مهينن لاءِ رد ڪيون ويون آهن جڏهن ته آفيسرن کي آچر تي به فيلڊ ۾ وڃي ٽرين آپريشن جي نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پاڪستان ريلويز هيڊڪوارٽرز لاهور مان جاري هدايتن مطابق ريلوي آفيسرن جي سرڪاري معاملن جي سلسلي ۾ ٻين شهرن جي دورن لاءِ ٽرين ذريعي سفر ڪرڻ لازم قرار ڏنو ويو آهي. ان قدم جو مقصد ريلوي آپريشن جي عملي جائزي، انتظامي نگراني ۽ حفاظتي قدمن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ آهي. هدايتن تحت سول ۽ مڪينيڪل شعبن جا چيف انجنيئرز پنهنجن پنهنجن معاملن بابت روزاني جي بنياد تي رپورٽ ريلوي واري وزارت کي موڪلن، جڏهن ته سيفٽي هيڊ کان به روزانو رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي ته جيئن ٽرين آپريشن جي حفاظتي انتظامن جي مسلسل نگراني ۽ ڪنهن به امڪاني ڪوتاهي جي وقت سر نشاندهي يقيني بڻائي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي ويزن مطاب مسافرن کي محفڳظ ترين سفري سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيع آهي. هن هدايت ڪئي ته ريلوي آفيسر فيلڊ ۾ پنهنجي موجودگي يقيني بڻائن ۽ ٽرين آپريشن جي نگراني ۾ ڪنهن قسم جي غفلت نه ڪن.











