سووا- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) ماٺي سمنڊ جي ٻيٽ ملڪ وانواتو ۾ 5 منٽن ۾ 6.9 ۽ 6.3 شدت جي زلزلي جا لوڏا رڪارڊ ڪيا ويا آهن، جنهن بعد ماٺي سمنڊ سونامي وارننگ سينٽر سونامي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي جيولاجيڪل سروي مطابق وانواتو جي علائقي پورٽ اولري کان 197 ڪلوميٽر اولهه، اتر اولهه ۾ ڇنڇر تي مقامي وقت مطابق منجهند هڪ لڳي 31 منٽن …
ماٺي سمنڊ جي ٻيٽ واري ملڪ وانواتو ۾ پنجن منٽن ۾ ٻه شديد زلزلي جا لوڏا، سونامي وارننگ جاري

مزید خبریں
سووا- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) ماٺي سمنڊ جي ٻيٽ ملڪ وانواتو ۾ 5 منٽن ۾ 6.9 ۽ 6.3 شدت جي زلزلي جا لوڏا رڪارڊ ڪيا ويا آهن، جنهن بعد ماٺي سمنڊ سونامي وارننگ سينٽر سونامي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي جيولاجيڪل سروي مطابق وانواتو جي علائقي پورٽ اولري کان 197 ڪلوميٽر اولهه، اتر اولهه ۾ ڇنڇر تي مقامي وقت مطابق منجهند هڪ لڳي 31 منٽن 6.9 شدت جو زلزلو آيو جڏهن ته پورٽ اولري کان 170 ڪلوميٽر اتر اولهه ۾ منجهند هڪ لڳي 35 منٽن تي 6.3 شدت جو زلزلو آيو. ٻنهي زلزلن جي اونهائي 10 ڪلوميٽر هئي. زلزلن بعد ماٺي سمنڊ سونامي وارننگ سينٽر سونامي جي وارننگ جاري ڪئي آهي. زلزلن جي نتيجي ۾ فوري طور ڪنهن جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو.











