نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان فرانس جي پرڏيهي وزير جي ملاقات، علائقائي امن ۽ عالمي تعاون جي لاءِ سفارتڪاري تي زور

استنبول - 23 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ فرانس جي يورپ ۽ پرڏيهي معاملن بابت وزير زان نوئل بارو علائقائي چئلينجز کي منهن ڏيڻ، امن جي فروغ ۽ عالمي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو آهي. جمعي ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي …

استنبول – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ فرانس جي يورپ ۽ پرڏيهي معاملن بابت وزير زان نوئل بارو علائقائي چئلينجز کي منهن ڏيڻ، امن جي فروغ ۽ عالمي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو آهي. جمعي ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار استنبول ۾ فرانس جي يورپ ۽ پرڏيهي معاملن بابت وزير زان نوئل بارو سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي گذريل اجلاس جي موقعي تي ٿيندڙ پنهنجي تازي ملاقات جو حوالو ڏيندي پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ مسلسل رابطن ۽ باقاعده ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن ۾ جاري بحرانن جي وسيع تر معاشي ۽ سماجي اثرن، خاص طور تي توانائي جي لاڳت تي پوندڙ اثر شامل هئا. ٻنهي طرفن کان علائقائي چئلينجز کي منهن ڏيڻ، امن جي فروغ ۽ عالمي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو ويو. فرانسيسي پرڏيهي وزير زان نوئل بارو پاڪستان جي ڪردار ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ مسلسل رابطي جي فروغ ۽ سفارتي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ جي سلسلي ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي ذاتي ڪوششن کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير فرانس پاران برطانيا، جرمني ۽ اٽلي سان گڏجي آر فور ملڪن سان علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ امن ۽ استحڪام جي لاءِ سفارتي ڪوششن جي حمايت کي ساراهيو.

مزید خبریں