اسلام آباد - 23 آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري عاصم افتخار احمد سان يوڪرين جي عهدو ڇڏيندڙ سفير مارڪيان چوچڪ الوداعي ملاقات ڪئي. جمعي ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي سيڪريٽري گذريل 6 سالن دوران پاڪستان ۽ يوڪرين جي ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سفير مارڪيان چوچڪ جي قابل قدر خدمتن کي ساراهيو. ان موقعي تي پرڏيهي سيڪريٽري سفير جي لاءِ …
پرڏيهي سيڪريٽري عاصم افتخار احمد سان يوڪرين جي عهدو ڇڏيندڙ سفير جي الوداعي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري عاصم افتخار احمد سان يوڪرين جي عهدو ڇڏيندڙ سفير مارڪيان چوچڪ الوداعي ملاقات ڪئي. جمعي ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي سيڪريٽري گذريل 6 سالن دوران پاڪستان ۽ يوڪرين جي ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سفير مارڪيان چوچڪ جي قابل قدر خدمتن کي ساراهيو. ان موقعي تي پرڏيهي سيڪريٽري سفير جي لاءِ مستقبل جي ذميوارين ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.










