اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان اڄ پوليو جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي تي عالمي دنيا سان گڏيل پختي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ته هو ان موذي مرض جي مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ ڀرپور انداز ۾ جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پوليو جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي …
پاڪستان پوليو جي موذي مرض جي خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ ڀرپور انداز ۾ جاري رکندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف جي پوليو جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي پيغام

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان اڄ پوليو جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي تي عالمي دنيا سان گڏيل پختي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ته هو ان موذي مرض جي مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ ڀرپور انداز ۾ جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پوليو جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي لاءِ هي ڏينهن خصوصي اهميت رکندڙ آهي ڇو ته اسان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهيون جيڪي ان مرض جي مڪمل خاتمي جو هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڃا تائين ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن سال پوليو جي خاتمي جو عالمي ڏينهن “هڪ ڏينهن، هڪ مقصد: پوليو جو مڪمل خاتمو” جي عنوان هيٺ ملهايو پيو وڃي. اهو موضوع ان خطرناڪ بيماري جي خلاف گڏيل ڪوششن جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته وفاقي ۽ صوبائي ۽ ضلعي حڪومتون ۽ انتظاميا جا سمورا لاڳاپيل ادارا پنهنجي قابل قدر عالمي حصيدارن جي تعاون سان پوليو جي خاتمي واري مشن تي پوري صلاحيت سان قائم آهن، ان مقصد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ۾ آندا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ پوليو وائرس جي خاتمي ۽ ڦهلاءُ جي روڪٿام ۽ شهرين ۾ بچاءُ جي تدبيرن ۽ آگاهي ۾ فرنٽ لائين ورڪرز اهم حيثيت رکن ٿا، پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي مشن ۾ چار لک کان وڌيڪ بشمول 60 سيڪڙو عورتون فرنٽ لائين ورڪرز فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن، فرنٽ لائين ورڪرز جي محنت، لڳاءُ، جرئت ۽ بهادري ۽ اڻٿڪ خدمت ساراهه جوڳي آهي، اڄ پوري قوم فرض سرانجام ڏيندي شهيد ٿيندڙ فرنٽ لائين ورڪرز کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، اهي ڪارڪن اعلى ترين سطح تي خدمتن جي اعتراف ۽ ڀرپور مدد جا مستحق آهن، ڏکئي رستن ۽ سيڪيورٽي خدشن جي باوجود فرنٽ لائين ورڪرز پنهنجون خدمتون جاري رکيون آهن. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي هر ٻار تائين پوليو ويڪسين جي فراهمي ۽ آساني سان پهچ يقيني بڻائڻ قوم ۽ حڪومت جو اولين هدف آهي، سماجي آگاهي ۽ پوليو ويڪسين جي استعمال تي خانداني رضامندي جي لاءِ معاشري ۾ اثررسوخ رکندڙ سمورن ماڻهن ۽ ادارن کي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن پوليو ويڪسين جي ٻارن ۽ علائقن ۾ سئو سيڪڙو پهچ جو هدف حاصل ڪري سگهجي. وزيراعطم چيو ته پوليو جو مڪمل خاتمو گڏيل قومي ذميواري آهي، پوليو جي خاتمي جي آخري منزل حاصل ڪرڻ تائين والدين ۽ ٻارن جي سارسنڀال ڪندڙن، استادن، عوامي ۽ مقامي برادري، مذهبي اڳواڻن، ميديا ۽ سمورن قابل قدر ۽ عالمي ۽ مقامي حصيدارن جو مسلسل تعاون لازمي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي برادري جي پوليو جي خاتمي لاءِ مدد کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پوليو جي خاتمي بابت عالمي قدم، عطيه ڏيندڙن ۽ عالمي حصيدارن جو مسلسل تعاون پاڪستان جي پوليو جي خاتمي وارين ڪوششن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، پوليو وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ پوليو کان پاڪ قومي مستقبل جي لاءِ اها مدد انتهائي موثر آهي، اچو پوليو کان پاڪ مستقبل جي لاءِ قومي عزم سان گڏجي ڪم ڪريون.










