سڀني ڊسڪوز ۾ ڊٽيڪشن بلنگ جو نظام مڪمل طور تي ڊجيٽلائيز، صرف مرڪزي پورٽل ذريعي ڊٽيڪشن بل جاري ڪيا وڃن: سردار اويس احمد خان لغاري

اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) پاران ڊٽيڪشن بلن جي مد ۾ بجلي صارفين کان اضافي بل موڪلڻ جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي ۽ ڊسڪوز کي خبردار ڪيو آهي ته هو آئنده ڪنهن به صارف کي ڪو به غلط ڊٽيڪشن نه موڪلي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب جمعي ڏينهن ڊسڪوز جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز سان …

اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) پاران ڊٽيڪشن بلن جي مد ۾ بجلي صارفين کان اضافي بل موڪلڻ جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي ۽ ڊسڪوز کي خبردار ڪيو آهي ته هو آئنده ڪنهن به صارف کي ڪو به غلط ڊٽيڪشن نه موڪلي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب جمعي ڏينهن ڊسڪوز جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز سان اجلاس ۾ هن سخت ۽ جامع سڌاراجاتي فريم ورڪ لاڳو ڪرڻ جون باضابطه هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. هن وڌيڪ واضح ڪيو ته بجلي چوري جي روڪٿام بيشڪ قومي ترجيح آهي پر معصوم شهرين تي من پسند بار وجهڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. ان فريم ورڪ تحت فيلڊ عملي جي صوابديدي اختيارن کي مڪمل ضابطي جو پابند بڻايو پيو وڃي  ته جيئن عوام کي تحفظ ملي ۽ گڏوگڏ بجلي چوري خلاف ايمانداري سان فرض انجام ڏيندڙ آفيسرن جي رستي ۾ ڪا رڪاوٽ پيدا نه ٿئي. وفاقي وزير جي هدايتن جي روشني ۾ پاور ڊويزن سمورن ڊسڪوز کي پابند ڪري رهي آهي ته هو هاڻي ڊٽيڪشن بلنگ صرف ۽ صرف پي آءِ ٽي سي جي مرڪزي آن لائن پورٽل ذريعي ئي عمل ۾ آندي ويندي. فيلڊ عملي يا ايس ڊي اوز طرفان دستي ۽ من پسند ڊٽيڪشن بل جاري ڪرڻ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. منيوئل طريقي سان بل موڪلڻ جي عمل کي باضابطه طور سنگين بدانتظامي تصور ڪيو ويندو جنهن تي لاڳاپيل آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي کين وڏيون سزائون ڏنيون وينديون. هن فريم ورڪ تحت ڪنزيومر سروس مينوئل ۾ به جامع ترميمن جون تجويزون ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پيش ڪيون وينديون جيئن هر قدم کي  مخصوص ۽ واضح مدت جو پابند بڻائي سگهجي. نئين فريم ورڪ تحت خراب ٿيل يا سڙيل ميٽرن کي فوري طور وڌ ۾ وڌ ٻن بلنگ سائيڪلن اندر تبديل ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو ، جڏهن ته ان دوران سراسري بلنگ جو بار به صرف ٻن مهينن تائين محدود هوندو. ميٽر جي رفتار سست يا تيز ثابت ٿيڻ جي صورت ۾  رڪوري يا ڪريڊٽ ايڊجسٽمينٽ کي سختي سان گذريل ٻن بلنگ سائيڪلن تائين محدود رکيو ويندو، اهڙي طرح ڊٽيڪشن بلنگ جي مدت کي به واضح ضابطي ۾ آڻيندي غير قانوني استعمال تي عام صارفين لاءِ ڊٽيڪشن بلن جو ٽي بلنگ سائيڪلنگ مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. رجسٽرڊ صارفين لاءِ ڊٽيڪشن جي وڌ کان وڌ حد 6 مهينا جڏهن ته غير رجسٽرڊ صارفين لاءِ ا12 مهينن تائين محدود ڪئي ويندي. سڌاراجاتي نظام تحت، ڊسڪوز جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۽ انهن جي ڪسٽمر سروسز ڪميٽين کي حڪم ڏنو ويو آهي ته هو هر مهيني ڊٽيڪشن بلن جي درستگي، شفافيت ۽ جائز ريڪوري جو پاڻ باقاعدگي سان تفصيلي جائزو وٺنديون. وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري عزم ورجايو آهي ته حڪومت جو مقصد بجلي جي شعبي کي صارف دوست بڻائڻ ۽ هر سطح تي مڪمل جوابدهي يقيني بڻائڻ آهي. صارفين جي حقن جو تحفظ اولين ترجيح آهي ۽ ڪنهن به قانون ۽ ضابطن کان مٿانهون ٿي عوام جو معاشي استحصال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

مزید خبریں