مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو جي پاڪستان جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو واپار 20 ڪروڙ ڊالر تائين وڌائڻ سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو: پرڏيهي وزارت جو ترجمان

اسلام آباد - 23 آڪٽوبر (اي پي پي) مالديپ جو صدر ڊاڪٽر محمد معيزو پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ روانو ٿي ويو. دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو واپار 20 ڪروڙ ڊالر تائين وڌائڻ سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. جمعي ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب مالديپ جو صدر ڊاڪٽر محمد …

اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) مالديپ جو صدر ڊاڪٽر محمد معيزو پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ روانو ٿي ويو. دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو واپار 20 ڪروڙ ڊالر تائين وڌائڻ سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. جمعي ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب مالديپ جو صدر ڊاڪٽر محمد معيزو 20 کان 22 اڪٽوبر تائين پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اسلام آباد کان روانو ٿي ويو. صدر معيزو خاتون اول ساجده محمد ۽ هڪ اعلى سطحي وفد سان گڏ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪيو. سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري هوائي اڏي تي کيس الوداع ڪيو. دوري دوران صدر محمد معيزو صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقاتون ڪيون. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير به مالديپ جي صدر سان ملاقات ڪئي. ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويو جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري، تعليم، صحت، سياحت، زراعت، ماهيگيري، دفاع، سامونڊي سلامتي، موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۽ عوامي سطح تي رابطن کي خصوصي اهميت ڏني وئي. ٻنهي طرفن کان گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. دوري دوران مختلف شعبن ۾ تعاون بابت 20 مفاهمتي يادداشتن (ايم او يوز) جي ڏي وٺ ٿي. انهن ۾ صحت، تعليم، ٽيڪنيڪي تربيت، سياحت، شهري هوابازي، زراعت، ماهيگيري، دفاع، ساموندي سلامتي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، سول سروسز ۾ تعاون، سماجي تحفظ، ثقافت ۽ نوجوانن جي معاملن سميت ڪيترائي شعبا شامل آهن. ٻنهي ملڪن انهن معاهدن تي وقت سر عملدرآمد جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته جيئن ٻطرفي مفاهمت کي عوام جي لاءِ ٺوس فائدن ۾ تبديل ڪري سگهجي. اقتصادي تعاون کي سگهه ڏيڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي جي طور تي ٻنهي اڳواڻن ايندڙ ٻن سالن ۾ ٻطرفي واپار کي اٽڪل 1 ڪروڙ 39 لک آمريڪي ڊالر مان وڌائي 20 ڪروڙ آمريڪي ڊالر تائين وٺي وڃڻ تي اتفاق ڪيو. هن نجي شعبي جي وچ ۾ حصيداري مضبوط بڻائڻ، فضائي ۽ سامونڊي رابطن کي بهتر بڻائڻ، سيڙپڪاري جي وهڪري ۾ اضافو ڪرڻ ۽ گڏيل اقتصادي ڪميشن جو اجلاس جلد منعقد ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف مالديپ جي شاگردن جي لاءِ ساليانو 20 اضافي انڊر گريجوئيٽ وظيفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ تعليم، صحت، پيشيواراڻي تربيت ۽ صلاحيت ۾ اضافي جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي راضپي جو ورجاءُ ڪيو. هن ضروري غذائي شين ۽ دوائن جي فراهمي جي ذريعي مالديپ جي غذائي سلامتي ۽ صحت جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ تعاون جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو جنهن ۾ حڪومت سان حڪومت جي سطح تي انتظام به شامل آهن. وزيراعظم هائوس ۾ منعقد هڪ خصوصي تقريب دوران انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد صدر محمد معيزو کي سندس نمايان عوامي خدمتن، قيادت ۽ مالديپ جي ترقي ۾ ڪردار جي اعتراف ۾ سياست ۽ عالمي لاڳاپن جي شعبي ۾ فلسفي جي اعزازي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري عطا ڪئي. 22 آڪٽوبر تي صدر محمد معيزو ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ مالديپ – پاڪستان بزنس فورم کي خطاب ڪيو. ان فورم ۾ ٻنهي ملڪن جي نمايان ڪاروباري نمائندن شرڪت ڪئي ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ واپاري تعاون کي فروغ ڏيڻ جي موقعن جو جائزو ورتو. فورم ۾ سياحت، صحت، دواسازي، زراعت، قابل تجديد توانائي، بنيادي ڍانچي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ تعاون جي امڪانن کي اجاگر ڪيو ويو. مالديپ پاران مالي ۽ ڪراچي جي وچ ۾ سڌوسنئون فضائي رابطو قائم ڪرڻ جي ارادي جو پڻ اظهار ڪيو ويو. مالديپ جي ڪنهن صدر جو 11 سالن کانپوءِ پاڪستان جو هي پهريون دورو هو جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 60هين سالگرهه جي موقعي تي ٿيو. ان دوري سان ٻنهي ملڪن جي پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي نئين سگهه ملي ۽ مضبوط سياسي خيرسگالي کي ٺوس اقتصادي تعاون ۽ پائيدار اداراجاتي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي گڏيل عزم جي توثيق ٿي. پاڪستان ۽ مالديپ گڏيل مذهبي قدر، گڏيل اعتماد، احترام ۽ پراڻي خيرسگالي تي ٻڌل ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا رکن ٿا. هن سرڪاري دوري جي ڪامياب تڪميل ٻنهي ملڪن جي ٻطرفي لاڳاپن ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي جنهن سان پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ وڌيڪ مضبوط، وسيع ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل حصيداري جي راهه هموار ٿيڻ جي اميد آهي.

مزید خبریں