استنبول - 23 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڇهين آر فور پرڏيهي وزيرن واري اجلاس ۾ شرڪت ڪئي آهي جنهن ۾ حوثي حملن جي مذمت ڪندي سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ويو آهي. جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار استنبول ۾ ڇهين …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڇهين آر فور پرڏيهي وزيرن واري اجلاس ۾ شرڪت، سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي حمايت جو ورجاءُ

مزید خبریں
استنبول – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڇهين آر فور پرڏيهي وزيرن واري اجلاس ۾ شرڪت ڪئي آهي جنهن ۾ حوثي حملن جي مذمت ڪندي سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ويو آهي. جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار استنبول ۾ ڇهين آر فور پرڏيهي وزيرن واري اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ترڪيه جو پرڏيهي وزير هاقان فيدان، سعودي عرب جو پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود ۽ مصر جو پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي پڻ شريڪ ٿيا. پرڏيهي وزيرن نيويارڪ ۾ ٿيندڙ پنهنجي گذريل اجلاس کانپوءِ ٿيندڙ علائقائي اڳڀرائي جو جائزو ورتو جنهن ۾ وچ اوڀر جي صورتحال ۽ ان سان لاڳاپيل سيڪيورٽي چئلينجز ۽ تڪرارن تي خاص ڌيان ڏنو ويو. پرڏيهي وزيرن سعودي عرب سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هنن سعودي عرب کي نشانو بڻائيندڙ حوثي حملن جي پڻ مذمت ڪئي ۽ رياستن جي خودمختياري جي احترام جي اهميت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ علائقائي رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ پائيدار امن، سلامتي ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ سفارتي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ جي طريقن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.










