اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان آذربائيجان جي نئين سفير عرفان داودوف ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير پاڪستان ۾ مقرري تي آذربائيجان جي سفير عرفان داودوف جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ انفرا اسٽرڪچر جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي …
مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان آذربائيجان جي نئين سفير عرفان داودوف جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان آذربائيجان جي نئين سفير عرفان داودوف ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير پاڪستان ۾ مقرري تي آذربائيجان جي سفير عرفان داودوف جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ انفرا اسٽرڪچر جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جڏهن ته ٻنهي ڌرين طرفان پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ويو. خاص ڪري مواصلات ۽ انفرا اسٽرڪچر جي شعبن، ٻطرفي واپار، اقتصادي تعاون ۽ گڏيل منصوبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.










