ڪراچي- 23 آڪٽوبر (اي پي پي)چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي سليڪشن بورڊ-2 جي اجلاس ۾ مختلف کاتن جي 542 آفيسرن کي گريڊ 18 مان گريڊ 19 ۾ ترقيون ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي.اجلاس ۾ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي 287 مرد اسسٽنٽ پروفيسرن ۽ 151 عورت اسسٽنٽ پروفيسرن کي ايسوسيئيٽ پروفيسر گريڊ 19 ۾ ترقي ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي.اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي فنانس ۽ آڊٽ …
سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ صوبائي سليڪشن بورڊ جو اجلاس، مختلف کاتن جي 542 آفيسرن کي ترقيون

مزید خبریں
ڪراچي- 23 آڪٽوبر (اي پي پي)چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي سليڪشن بورڊ-2 جي اجلاس ۾ مختلف کاتن جي 542 آفيسرن کي گريڊ 18 مان گريڊ 19 ۾ ترقيون ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي.اجلاس ۾ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي 287 مرد اسسٽنٽ پروفيسرن ۽ 151 عورت اسسٽنٽ پروفيسرن کي ايسوسيئيٽ پروفيسر گريڊ 19 ۾ ترقي ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي.اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي فنانس ۽ آڊٽ وارن 8 ڊپٽي ڊائريڪٽرن کي ڊائريڪٽر فنانس، جڏهن ته 8 هيڊ ماسترن کي سينيئر هيڊ ماسترن ۽ هيڊ مسٽريسز گريڊ 19 ۾ ترقي ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي. زراعت کاتي جي 28 ڊپٽي ڊائريڪٽرن کي ڊائريڪٽر يا ايڊيشنل ڊائريڪٽر گريڊ 19 ۾ ترقي ڏيڻ جي پڻ سفارش ڪئي وئي.ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي 5 سينيئر لائبريرين کي چيف لائبريرين ۽ 7 سينيئر ڊائريڪٽرن فزيڪل ايجوڪيشن کي چيف ڊائريڪٽر گريڊ 19 ۾ ترقي ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي. صحت کاتي جي 6 ڊرماٽولوجسٽن کي سينيئر ڊرماٽولوجسٽ، جڏهن ته جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (جي پي ايم سي) جي 2 سينيئر فارماسسٽن کي ايڊيشنل چيف فارماسسٽ ۽ هڪ اسسٽنٽ پروفيسر ميڊيسن کي ايسوسيئيٽ پروفيسر گريڊ 19 ۾ ترقي ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي.قانون کاتي جي 17 ڊپٽي ڊسٽرڪٽ اٽارنين کي ڊسٽرڪٽ اٽارني ۽ 3 ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرلز کي ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل گريڊ 19 ۾ ترقي ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي.يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي 4 اسسٽنٽ پروفيسرن کي ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ 11 اسسٽنٽ پروفيسرن مڪينيڪل کي پرنسپل/ايسوسيئيٽ پروفيسر گريڊ 19 ۾ ترقي ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي.اجلاس ۾ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جي هڪ ڊائريڪٽر ليگل ۽ 3 ڊائريڪٽرن ايگزيڪيوٽو کي مستقل بنيادن تي گريڊ 19 ۾ ترقي ڏيڻ جي پڻ سفارش ڪئي وئي.اجلاس ۾ چيئرمين پلاننگ بورڊ، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، سيڪريٽري سروسز ۽ لاڳاپيل کاتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي.











