صدر آصف علي زرداري سان جرمن صدر فرينڪ والٽر اشٽائن مائر جي ملاقات، پاڪستان ۽ جرمني جي وچ ۾ مضبوط، تعميري حصيداري جي ٻطرفي تعاون کي جامع انداز ۾ سگهه ڏيڻ تي زور

برلن - 23 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ جرمني جي وچ ۾ موجوده سياسي، اقصادي ۽ دفاعي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ دستياب امڪانن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن معيشت ۽ واپار، جديد ٽيڪنالاجيز، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت، هنرمندي جي فروغ  ۽ عوامي ۽ ثقافتي مٽاسٽا تي خاص ڌيان ڏيڻ جي اهميت اجاگر ڪئي. …

برلن – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ جرمني جي وچ ۾ موجوده سياسي، اقصادي ۽ دفاعي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ دستياب امڪانن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن معيشت ۽ واپار، جديد ٽيڪنالاجيز، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت، هنرمندي جي فروغ  ۽ عوامي ۽ ثقافتي مٽاسٽا تي خاص ڌيان ڏيڻ جي اهميت اجاگر ڪئي. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار برلن ۾ جرمن صدر فرينڪ والٽر اشٽائن مائر سان ملاقات دوران ڪيو. صدر آصف علي زرداري جرمن صدر جا دوري جي دعوت ڏيڻ ۽ پنهنجي وفد جي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي ٿورا ادا ڪيا. هن چيو ته هي دورو جرمني سان پاڪستان جي پراڻي دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو عڪاس آهي. هن ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته پاڪستان مسلسل تعميري رابطن جي ذريعي موجوده لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط، مستحڪم ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. صدر ان اهم دوري کي ساراهيندي چيو ته هي 23 سالن جي وقفي کانپوءِ ٿي رهيو آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي ٻطرفي لاڳاپن ۾ هڪ اهم باب جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته هلندڙ سال پاڪستان ۽ جرمني جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه پڻ ملهائي پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان جرمني کي يورپ ۾ پنهنجو اهم حصيدار سمجهي ٿو ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ، سماجي تحفظ ۽ انساني ترقي جي شعبن ۾ جرمني جي مدد کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان روايتي شعبن کان اڳتي وڌندي جرمني سان سائنسي ترقي، عوامي صحت، تعليم، فني تربيت، ٽيڪنالاجي جي فروغ، واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت، ڪاروبار ۽ صنعت ۽ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت وڌائڻ سميت مختلف شعبن ۾ جديد ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. ان مقصد جي لاءِ حڪومتي سطح، ڪاروباري ادارن ۽ ماهرن جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏنو ويندو. صدر آمريڪا ۽ ايران جي تڪرار ۾ پاڪستان جي مخلصاڻي ثالثي ڪردار جي جرمني پاران اعتراف تي صدر فرينڪ والٽر اشٽائن مائر جا ٿورا ادا ڪيا. هن چيو ته پاڪستان علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام جي مفاد ۾ تڪرارن جي حل لاءِ مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه تي يقين رکي ٿو. جرمن صدر فرينڪ والٽر اشٽائن مائر پاڪستان ۽ جرمني جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه جي اهم موقعي تي صدر آصف علي زرداري جي جرمني جي دوري جي شاندار آجيان ڪئي. هن تازو ئي پشاور ۾ اسڪول جي ڇت ڪري پوڻ جي افسوسناڪ واقعي ۾ ٻارن جي فوت ٿيڻ تي تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو. جرمن صدر اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ جرمني ٻطرفي ڪاروباري سرگرمين جي فروغ، تعليم جي شعبي ۾ تعاون ۽ ٽيڪنيڪي حصيداري کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڪاروبار ۽ واپار جي شعبن ۾ وڌيڪ موثر ڪوششن سان رابطا جاري رکندا. جرمن صدر علائقائي ۽ عالمي تڪرارن جي حل ۾ پاڪستان جي وڌندڙ سفارتي ڪردار کي ساراهيو. صدر فرينڪ والٽر اشٽائن مائر جرمني واپس موڪليا ويندڙ 500 افغان شهرين جي تصديق جي عمل ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي پاڪستان حڪومت جي واکاڻ ڪئي. هن گذريل چار ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي دوران لکين افغان شهرين کي انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد فراهم ڪرڻ تي پڻ پاڪستان کي ساراهيو. ٻنهي صدرن افغانستان بابت چئلينجز تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر آصف علي زرداري واضح ڪيو ته پاڪستان جو افغان عوام سان ڪو تڪرار نه آهي، جڏهن ته پاڪستان دهشتگردن کي افغان سرزمين استعمال ڪندي پاڪستاني شهرين تي حملا ڪرڻ ۽ ملڪي خودمختياري جي خلاف ورزي ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو. جرمن صدر جي خصوصي دلچسپي جي جواب ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته مڪه دفاعي معاهدي جو مقصد علائقائي سلامتي کي يقيني بڻائڻ آهي. اهو معاهدو علائقائي تڪرارن جي بدران علائقائي سلامتي جي لاءِ هڪ متبادل رستو فراهم ڪري ٿو ۽ ڪنهن مخصوص ملڪ جي خلاف نه آهي. صدر آصف علي زرداري جرمن صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن تي جرمن صدر چيو ته هو مناسب وقت تي پاڪستان جو دورو ڪندو. وفدن کانسواءِ ملاقات کانپوءِ ٻنهي صدرن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي. پاڪستاني وفد ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ جا صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ ڄام خان شورو، سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ جرمني ۾ پاڪستان جو سفير سلمان شريف شامل هئا. ان کان اڳ جرمن دفاع واري وزارت ۾ صدر آصف علي زرداري کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي جرمن صدر فرينڪ والٽر اشٽائن مائر پڻ موجود هو.