گهرو معاملن واري وفاقي وزير پاران ڪشمير چوڪ انڊر پاس پراجيڪٽ جو دورو، اڏاوتي ڪم جو جائزو ورتو

اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اڱاري ڏينهن صبح جو ڪشمير چوڪ انڊر پاس پراجيڪٽ جو دورو ڪيو ۽ جاري اڏاوتي ڪم جي رفتار ۽ اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو. گهرو وزارت پاران جاري بيان مطابق دوري دوران وفاقي وزير انڊر پاس جي مختلف حصن، خاص ڪري لينٽر ۽ آسپاس جي ڀتين تي جاري ڪم جو معائنو ڪيو ۽ اڳڀرائي تي اطمينان …

اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اڱاري ڏينهن صبح جو ڪشمير چوڪ انڊر پاس پراجيڪٽ جو دورو ڪيو ۽ جاري اڏاوتي ڪم جي رفتار ۽ اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو. گهرو وزارت پاران جاري بيان مطابق دوري دوران وفاقي وزير انڊر پاس جي مختلف حصن، خاص ڪري لينٽر ۽ آسپاس جي ڀتين تي جاري ڪم جو معائنو ڪيو ۽ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي محسن نقوي جو چوڻ هو ته انڊر پاس لاءِ لينٽر ۽ ڀتين تي اڏاوتي ڪم جي رفتار ڏسي خوشي ٿي آهي. هن چيو ته جهڙي طرح رفتار سان ڪم جاري آهي، جيڪڏهن اهو تسلسل برقرار رهيو ته هي اهم منصوبو 30 ڏينهن کان به گهٽ عرصي جي رڪارڊ وقت ۾ مڪمل ڪيو ويندو.