اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي شهرين کي سوشل ميڊيا جي ذميواراڻي استعمال جي هدايت ڪندي خبردار ڪيو آهي، ته رياستي ادارن، عدليه يا ڪنهن به ماڻهو جي ساک کي نقصان پهچائڻ وارو غير قانوني ۽ هٿ ٺوڪيو مواد پکيڙڻ قانوني ڏوهه آهي. پي ٽي اي ترجمان مطابق سوشل ميڊيا جو ذميواراڻو استعمال معاشري جي سمورن ماڻهن جي گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته صارفين …
رياستي ادارن، عدليه يا ڪنهن به ماڻهو جي ساک کي نقصان پهچائڻ، غيرقانوني ۽ هٿ ٺوڪيو مواد پکيڙڻ قانوني ڏوهه آهي: پي ٽي اي
اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي شهرين کي سوشل ميڊيا جي ذميواراڻي استعمال جي هدايت ڪندي خبردار ڪيو آهي، ته رياستي ادارن، عدليه يا ڪنهن به ماڻهو جي ساک کي نقصان پهچائڻ وارو غير قانوني ۽ هٿ ٺوڪيو مواد پکيڙڻ قانوني ڏوهه آهي. پي ٽي اي ترجمان مطابق سوشل ميڊيا جو ذميواراڻو استعمال معاشري جي سمورن ماڻهن جي گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته صارفين اهڙي سموري غيرقانوني، نفرت انگريز يا هتڪ عزت آميز مواد ۽ ڪوڙي معلومات پکيڙڻ کان مڪمل پاسو ڪري جنهن سان رياست جي ادارن، عدليه يا ڪنهن شهري جي ساک يا عزت متاثر ٿي سگهي. ترجمان واضح ڪيو ته پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائميز ايڪٽ تحت اهڙا سمورا غيرقانوني ۽ گمراهه ڪن سرگرميون سزا جوڳو ڏوهه آهن. هن شهرين تي زور ڀريو ته هو ڊجيٽل دنيا ۾ باخبر ۽ محتياط رهن. ڪوڙين خبرن ۽ نفرت پکيڙڻ جو سبب بڻجڻ کان پاسو ڪن ۽ ڪو به مواد شيئر ڪرڻ کان اڳ ان جي تصديق ڪرڻ ضروري آهي.











