گلگت بلتستان ۾ 100 ميگاواٽ شمسي توانائي منصوبي تي عملدرآمد جاري، 499 سرڪاري عمارتون به سولر سسٽم مان لاڀ کڻنديون

اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) گلگت بلتستان ۾ بجلي جي فراهمي بهتر بڻائڻ ۽ توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ پي ايس ڊي پي جي سهڪار سان 100 ميگا واٽ جو شمسي توانائي منصوبو پاور ڊويزن تحت اڳتي وڌايو پيو وڃي، جنهن ۾ 82 ميگا واٽ جا وڏا سولر پلانٽ، 499 سرڪاري عمارتن تي مجموعي طور تي 19 ميگا واٽ جا سولر سسٽمز ۽ بيٽري انرجي اسٽوريج …

اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) گلگت بلتستان ۾ بجلي جي فراهمي بهتر بڻائڻ ۽ توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ پي ايس ڊي پي جي سهڪار سان 100 ميگا واٽ جو شمسي توانائي منصوبو پاور ڊويزن تحت اڳتي وڌايو پيو وڃي، جنهن ۾ 82 ميگا واٽ جا وڏا سولر پلانٽ، 499 سرڪاري عمارتن تي مجموعي طور تي 19 ميگا واٽ جا سولر سسٽمز ۽ بيٽري انرجي اسٽوريج جون سهولتون شامل آهن. پلاننگ ڪميشن مطابق منصوبي جو شروعاتي مرحلو مڪمل ڪيو ويو آهي جڏهن ته وڏن سولر سسٽم لاءِ 4 هنڌن جي چونڊ ڪئي وئي آهي. وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ وزيراعظم جي گلگت بلتستان جي ترقياتي ڪمن بابت جوڙيل ڪميٽي جائزو وٺي رهي آهي ته جيئن علائقي ۾ ترقياتي عمل تيز ڪرڻ لاءِ قابل عمل حڪمت عملي جوڙي سگهجي. منصوبي ۾ شمسي توانائي جي پيداوار سان گڏ بيٽري انرجي اسٽوريج جي سهولت به شامل آهي، جنهن جو مقصد بجلي جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ ۽ علائقي جي توانائي جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ ۾ به مدد ڏيڻ آهي. اهو منصوبو گلگت بلتستان ۾ تجديد جوڳي توانائي کي هٿي ڏيڻ، سرڪاري عمارتن ۾ شمسي تونائي جو استعمال ۽ علائقي جي معاشي ۽ سماجي ترقي کي سهڪارفراهم ڪرڻ آهي.