پاڪستان چين جي قيادت ۾ قائم ٿيندڙ ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪوآپريشن آرگنائيزيشن ۾ شامل ٿي ويو آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڱاري ڏينهن سينيٽ کي آگاهه ڪيو آهي ته پاڪستان چين جي قيادت ۾ قائم ٿيندڙ ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪوآپريشن آرگنائيزيشن (ڊبليو اي سي او) ۾ شامل ٿي ويو آهي، جنهن جو مقصد مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ شفافيت، وسيع پڻي ۽ عالمي تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن …

اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڱاري ڏينهن سينيٽ کي آگاهه ڪيو آهي ته پاڪستان چين جي قيادت ۾ قائم ٿيندڙ ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪوآپريشن آرگنائيزيشن (ڊبليو اي سي او) ۾ شامل ٿي ويو آهي، جنهن جو مقصد مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ شفافيت، وسيع پڻي ۽ عالمي تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن ٻُڌايو ته لڳ ڀڳ 50 ميمبر تنظيم ۾ شامل ٿي چڪا آهن جڏهن ته پاڪستان پُڻ ان جي بنيادي دستاويز تي به صحيحُون ڪري ڇڏيُون آهن. هن چيو ته تنظيم جو هيڊ ڪوارٽر چين جي شهر شنگھائي ۾ قائم ڪيو ويندو ۽ ان جي پهرين ڪائونسل جو اجلاس ڊسمبر جي وچ ۾ ٿيڻ جي اميد آهي. جڏهن ته سوالن جي وقت دوران هڪ سوال جي جواب ۾ پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته حڪومت نيشنل آرٽيفيشل انٽيليجنس پاليسي تي عملدرآمد لاءِ نيشنل اي آءِ ايڊوانسمينٽ انيشيئيٽو ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي وزارت ذريعي قدم کڻي رهي آهي.