استنبول - 23 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ جرمن پرڏيهي وزير يوهان واڊي فل بدلجندڙ علائقائي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ عالمي سطح تي مسلسل رابطن جي اهميت تي زور ڏنو آهي. جمعي ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي جرمن پرڏيهي وزير سان ملاقات، ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار
استنبول – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ جرمن پرڏيهي وزير يوهان واڊي فل بدلجندڙ علائقائي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ عالمي سطح تي مسلسل رابطن جي اهميت تي زور ڏنو آهي. جمعي ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار استنبول ۾ آر فور ۽ جرمني، فرانس، اٽلي ۽ برطانيا (اي فور) جي وزارتي اجلاس جي موقعي تي جرمني جي پرڏيهي وزير يوهان واڊي فل سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ جرمني جي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ مسلسل رابطن ۽ تعاون جي ذريعي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن تازي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ بدلجندڙ علائقائي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ عالمي سطح تي مسلسل رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آر فور فريم ورڪ سان جرمني، فرانس، اٽلي ۽ برطانيا جي تعميري رابطن جي آجيان ڪئي ۽ گڏيل ڳڻتي جي معاملن تي مسلسل مشاورت ۽ سفارتي رابطن جي اهميت کي اجاگر ڪيو.












