نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ملاقات، مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق

استنبول - 23 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ رابطن، زراعت، دواسازي، علائقائي رابطن، قابل تجديد توانائي، دفاع ۽ عوامي سطح تي مٽاسٽا سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. جمعي ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس …

استنبول – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ رابطن، زراعت، دواسازي، علائقائي رابطن، قابل تجديد توانائي، دفاع ۽ عوامي سطح تي مٽاسٽا سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. جمعي ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار استنبول ۾ آر – 4 وزارتي اجلاس جي موقعي تي مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ پراڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي توثيق ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ اعلى سطح جي مسلسل رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن واپار، ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ رابطن، زراعت، دواسازي، علائقائي رابطن، قابل تجديد توانائي، دفاع ۽ عوامي سطح تي مٽاسٽا سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن علائقائي ۽ عالمي صورتحال خاص طور تي فلسطين ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن علائقائي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي چار ملڪي فريم ورڪ تحت مسلسل مشاورت، ويجهي رابطي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.