اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته وفاقي حڪومت دهشتگردي سبب متاثر ماڻهن جي نقصانن جي ازالي لاءِ وڌيڪ مالي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ان لاءِ خصوصي آڊٽ رپورٽ تي لاڳاپيل ڪميٽي ۾ بحث ۽ سفارشون ضروري آهن. جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر دوست محمد جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي هن چيو ته دهشتگردي سبب …
وفاقي حڪومت دهشتگردي سبب متاثر ماڻهن جي نقصانن جي ازالي لاءِ وڌيڪ مالي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي: مملڪتي وزير طلال چوڌري
اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته وفاقي حڪومت دهشتگردي سبب متاثر ماڻهن جي نقصانن جي ازالي لاءِ وڌيڪ مالي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ان لاءِ خصوصي آڊٽ رپورٽ تي لاڳاپيل ڪميٽي ۾ بحث ۽ سفارشون ضروري آهن. جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر دوست محمد جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي هن چيو ته دهشتگردي سبب متاثر گهرن جي نقصانن جو سروي شروعاتي طور تي پنجن ايجنسين کان ڪرايو ويو هو، جنهن ۾ اٽڪل هڪ لک 44 هزار گهرن جي سروي ڪئي وئي، انهن ۾ 66 هزار 989 گهرن کي وڌيڪ جڏهن ته 3 هزار 875 گهرن کي جزوي نقصان پهچڻ جي نشاندهي ڪئي وئي. مملڪتي وزير ٻڌايو ته ان کانپوءِ شهري نقصانن جي ازالي لاءِ پروگرام تحت معاوضن جي ادائيگي لاءِ سروي جي درستگي تي اعتراض سامهون آيا، جنهن کانپوءِ ڏکڻ وزيرستان ۾ ٻيهر سروي ڪرايو ويو. ٻيهر سروي ۾ اهو انگ وڌي هڪ لک 13 هزار 716 ٿي ويو. هن چيو ته معاوضن جي ادائيگي لاءِ نقصان جي نوعيت موجب طريقيڪار طئي ڪيو ويو هو، جنهن تحت مڪمل يا وڏي نقصان وارن گهرن لاءِ 4 لک رپيا ۽ معمولي نقصان وارن گهرن لاءِ 150,000 رپيا مقرر ڪيا ويا هئا. طلال چوڌري چيو ته وفاقي حڪومت 2014ع کان 2021ع تائين متاثرين کي معاوضو ڏنو ۽ ان مقصد لاءِ ڪل 117 ارب رپيا ورهايا ويا. بعد ۾ صوبائي حڪومت جي تعاون سان هڪ خاص آڊٽ ڪرايو ويو ۽ آڊٽ مڪمل ٿيڻ تائين وڌيڪ رقم جي ورڇ کي روڪڻ جي هدايت ڪئي وئي. هن چيو ته آڊٽ رپورٽ بابت کاتي جي اڪائونٽس ڪميٽي جو هڪ اجلاس باقي آهي، جنهن کان پوءِ رپورٽ سيفران واري ڪميٽي کي پيش ڪئي ويندي. ساڳئي ڪميٽي وڌيڪ ادائيگين کان اڳ آڊٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. مملڪتي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ اين ايف سي تحت هڪ سيڪڙو اضافي حصو پڻ فراهم ڪيو ويندو آهي، جيڪو ٻين صوبن جي حصي کان الڳ آهي. سندس مطابق، ان سلسلي ۾ اڳ ئي ساڍا اٺ ارب رپيا فراهم ڪيا ويا آهن. هن واضح ڪيو ته وفاقي حڪومت متاثرين جي مدد لاءِ وڌيڪ رقم فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ آڊٽ رپورٽ تي سيفران ڪميٽي جي طرفان اجازت ملڻ کان پوءِ ان سلسلي ۾ اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي.












