اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته حڪومت ڪاروباري طبقي تي ٽيڪسن جو بار کي گهٽائڻ لاءِ سپر ٽيڪس ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي آهي. 50 ڪروڙ روپين تائين سالياني آمدني وارن ڪاروبارن تي سپر ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 50 ڪروڙ رپيا يا ان کان وڌيڪ سالياني آمدني وارن ڪاروبارن لاءِ ان جي شرح 10 سيڪڙو …
حڪومت سپر ٽيڪس ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي آهي، پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 1676 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن: مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني
اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته حڪومت ڪاروباري طبقي تي ٽيڪسن جو بار کي گهٽائڻ لاءِ سپر ٽيڪس ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي آهي. 50 ڪروڙ روپين تائين سالياني آمدني وارن ڪاروبارن تي سپر ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 50 ڪروڙ رپيا يا ان کان وڌيڪ سالياني آمدني وارن ڪاروبارن لاءِ ان جي شرح 10 سيڪڙو کان گهٽائي 8 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي سپر ٽيڪس جي اثرن بابت سوال جو جواب ڏيندي مملڪتي وزير چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سپر ٽيڪس ڪاروباري طبقي تي هڪ ڳرو بار رهيو آهي ۽ حڪومت پڻ ان حقيقت کي تسليم ڪري ٿي ته ان بار کي گهٽائڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف گذريل مالي سال دوران ڪاروباري شخصيتن ۽ روانگي واپار ڪندڙن سان ڪيتريون ئي ڊگهيون ملاقاتون ڪيون، جن ۾ ترجيحي بنيادن تي بحث هيٺ آيل ٽيڪس مسئلن ۾ سپر ٽيڪس پڻ شامل هو. حڪومت مالي گنجائش دستياب ٿيل تازي بجيٽ ۾ ان حوالي سان قدم کنيا. بلال اظهر ڪياني چيو ته حڪومت پهرين بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي لاءِ ٽيڪس جي شرح گهٽائڻ کي ترجيح ڏني، جڏهن ته ان کان پوءِ ڪاروباري طبقي کي سپر ٽيڪس کان رليف فراهم ڪيو ويو. بلال اظهر ڪياني چيو ته حڪومت ڪاروباري سرگرمين کي آسان بڻائڻ ۽ ٽيڪسن جي بار کي گهٽائڻ لاءِ موجود مالي صلاحيت مطابق قدم جاري رکندي. جڏهن ته هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هُن چيو ته پيٽروليم ليوي جي مد ۾ ماهوار سراسري وصوليون اٽڪل سوا سئو ارب روپيا بڻجن ٿيون، جڏهن ته پيٽروليم مصنوعات جي وڪري ۽ استعمال ۾ گهٽ وڌائي سبب ماهوار وصولين ۾ فرق ايندو رهندو آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي فيول سبسڊي اسڪيم تحت موٽرسائيڪل سوارن کي هر هفتي 500 روپين جو مفت پيٽرول فراهم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته خطي ۾ جاري جنگ سبب پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن تي دٻاءُ صرف پاڪستاني ئي نه پر ٻيا ملڪ به ان مان متاثر ٿي رهيا آهن، حڪومت مشڪل حالتن ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ موٽرسائيڪل سوارن، چنگچي رڪشا ڊرائيورن، لوڊر گاڏين ۽ ننڍين گاڏين جي مالڪن کي سڌي ريت سبسڊي فراهم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ پيدا نه ٿئي ۽ عوام کي ٻارڻ جي بنا رنڊڪ دستيابي يقيني بڻائي سگهجي.












