اسلام آباد - 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پيداواري لاڳت ۾ اضافي جي ڏس ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ڪڻڪ جي قيمت ۾ 1000 رپيا في مڻ اضافو ڪندي ڪڻڪ جي تجويز ڪيل قيمت 4500 رپيا في مڻ مقرر ڪري ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ملڪي زرعي شعبي جي فروغ، آبادگارن جي معاشي مفادن جي تحفظ ۽ ايندڙ سال …
وزيراعظم پاران ڪڻڪ جي في مڻ جي قيمت 4500 رپيا مقرر
اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پيداواري لاڳت ۾ اضافي جي ڏس ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ڪڻڪ جي قيمت ۾ 1000 رپيا في مڻ اضافو ڪندي ڪڻڪ جي تجويز ڪيل قيمت 4500 رپيا في مڻ مقرر ڪري ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ملڪي زرعي شعبي جي فروغ، آبادگارن جي معاشي مفادن جي تحفظ ۽ ايندڙ سال ڪڻڪ جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ وڏو فيصلو ڪندي سال 2027ع جي ڪڻڪ جي تجويز ڪيل قيمت 4500 رپيا في مڻ مقرر ڪئي آهي، گذريل سال ڪڻڪ جي قيمت 3500 رپيا في مڻ مقرر هئي. وزيراعظم چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ قائد محمد نواز شريف جي رهنمائي ۽ پنجاب ۽ سنڌ جي وڏي وزيرن جي مشاورت ۽ تعاون شامل رهيو. ان فيصلي جي لاءِ مشاورتي عمل ۾ تعاون ۽ قابل قدر تجويزون پيش ڪرڻ تي پنجاب جي وزيراعلى مريم نواز جا خصوصي ٿورا ادا ڪندي وزيراعظم سندس ان مشاورتي عمل ۾ ڪردار جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي تعاون تي پڻ ٿورا ادا ڪيا. هن چيو ته حڪومت پاران ڪڻڪ جي تجويز ڪيل قيمت ۾ اضافي جو مقصد آبادگارن کي وڌندڙ پيداواري لاڳت، پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي ۽ مهانگائي جي دٻاءُ کان ريليف فراهم ڪرڻ آهي. وزيراعظم چيو ته آبادگارن کي ڪڻڪ جي پوکيءَ جي لاءِ موثر ترغيب ڏيڻ فيصلي جي اولين مقصدن ۾ شامل آهي، اميد آهي ته نئين تجويز ڪيل قيمت سان آبادگارن کي پنهنجي پيداواري لاڳت پوري ڪرڻ ۽ مناسب منافعو حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم چيو ته گذريل سالن دوران آبادگارن کي مهانگائي ۽ زرعي خرچن ۾ اضافي جي ڪري مالي مشڪلاتون کي منهن ڏيڻو پيو جڏهن ته پاڪستان کي گذريل ٻن سالن ۾ ڪڻڪ جي درآمد پڻ ڪرڻي پئي، ڪڻڪ جي تجويز ڪيل قيمت ۾ اضافي جو اهم فيصلو ملڪي غذائي تحفظ کي مضبوط بڻائڻ، مقامي پيداوار جي حوصلا افزائي ۽ زرعي شعبي ۾ استحڪام جي لاءِ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيندي. حڪومت کي اميد آهي ته تجويز ڪيل قيمت جي تعين سان آبادگار ڪڻڪ جي پوکيءَ ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺندا جنهن جي نتيجي ۾ ايندڙ سيزن ۾ ڪڻڪ جي ڀرپور پوکي ۽ ملڪي پيداوار ۾ اضافي جا امڪان روشن ٿيندا. وزيراعظم جو اهو قدم آبادگارن جي معاشي بهتري، زرعي معيشت جي استحڪام ۽ ملڪ کي غذائي ضرورتن جي ڏس ۾ وڌيڪ پاڻڀرو بڻائڻ جي ڪوششن ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. اميد آهي ته سال 2027ع پاڪستان جي زرعي شعبي ۽ آبادگارن جي خوشحالي جي لاءِ مثبت نتيجا رکندڙ هوندو.












