سينيٽ جو اجلاس 26 آڪٽوبر تائين ملتوي

اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جو اجلاس 26 آڪٽوبر سومر ڏينهن شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. جمعي ڏينهن سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جي ضلعي ڪرڪ ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ شهيد ٿيل پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني، سوالن وارو وقفو، رٿن ۽ قانونسازي بابت معاملا غور هيٺ آيا. اجلاس …

اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جو اجلاس 26 آڪٽوبر سومر ڏينهن شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. جمعي ڏينهن سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جي ضلعي ڪرڪ ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ شهيد ٿيل پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني، سوالن وارو وقفو، رٿن ۽ قانونسازي بابت معاملا غور هيٺ آيا. اجلاس دوران سينيٽر فلڪ ناز چترالي ڪورم جي نشاندهي ڪئي، گهربل انگ پورو نه هجڻ سبب اجلاس جي ڪارروائي اڳتي وڌي نه سگهي، جنهن تي ڊپٽي چيئرمين اجلاس سومر 26 آڪٽوبر جي شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.