اسلام آباد - 23 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گوادر ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائڻ ۽ 10 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر دهشتگردي جي واقعي ۾ هڪ شهري جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته بلوچستان جي …
صدر پاران گوادر ۾ 10 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گوادر ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائڻ ۽ 10 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر دهشتگردي جي واقعي ۾ هڪ شهري جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته بلوچستان جي امن ۽ استحڪام جي خلاف سازشون صوبي جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته بلوچستان جي عوام جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ جي لاءِ امن قائم ڪرڻ لازمي آهي. صدر چيو ته بلوچ عورتن جي وقار کي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪرڻ مذمت جوڳو آهي.












