وزيراعظم پاران گوادر ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد - 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گوادر ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم گوادر ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 10 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جي پيشيواراڻي صلاحيتن جي واکاڻ …

اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گوادر ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم گوادر ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 10 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جي پيشيواراڻي صلاحيتن جي واکاڻ ڪندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي فرض شناس ۽ بهادر آفيسرن ۽ جوانن گوادر شهر ۽ گبد بارڊر ڪراسنگ جي ڀرپاسي دهشتگردن جا ڪڌا ارادا ناڪام بڻائي ڇڏيا. وزيراعظم چيو ته دهشتگرد بلوچستان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جا دشمن آهن، فتنه الهندستان جا دهشتگرد پنهنجن ڪڌن ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. هن چيو ته عزم استحڪام تحت دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ ڪارروايون پوري رفتار سان جاري رهنديون، غيرملڪي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پختي عزم ۾ مون سميت پوري قوم انهن سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ شهري جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شهيد جي درجن جي بلنديءَ ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.