اسلام آباد - 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سعودي عرب سان پاڪستان جي يڪجهتي ۽ ان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي علائقائي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ۽ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب ايمان، گڏيل احترام ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل گهري رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. جمعي …
وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاران سعودي عرب سان پاڪستان جي يڪجهتي ۽ سندس خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي حمايت جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سعودي عرب سان پاڪستان جي يڪجهتي ۽ ان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي علائقائي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ۽ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب ايمان، گڏيل احترام ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل گهري رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير ڊاڪٽر راجع طامي البقمي ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون، واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي حصيداري تي زور ڏيندي ڊگهي عرصي کان هلندڙ ڀائيچاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل ايمان، گڏيل احترام ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل گهري رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. هن سعودي عرب سان پاڪستان جي يڪجهتي ۽ ان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي علائقائي صورتحال تي ڳڻتي ۽ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ضرورت تي زور ڏنو. وقتي صدر ڊگهي عرصي کان دوستي کي مضبوط معاشي حصيدارين، وڌندڙ سيڙپڪاري ۽ گڏيل طور تي فائديمند ڪاروباري موقعن ۾ بدلائڻ جي اهميت تي روشني وڌي. هن سعودي عرب ۾ رهندڙ 50 لک پاڪستانين جي سعودي عرب جي ترقي ۾ حصيداري کي اجاگر ڪيو. هن سعودي عرب مان ايندڙ مٽاسٽا جي ناڻي جي پاڪستان جي معيشت ۾ اهم ڪردار جو پڻ ذڪر ڪيو. 1986ع ۾ ريلوي جي وفاقي وزير جي طور تي پنهنجي دور جو حوالو ڏيندي سيد يوسف رضا گيلاني سعودي عرب جي الهوفوف ۽ دمام کي ڳنڍيندڙ ريلوي منصوبي جو ذڪر ڪيو جيڪو ٻنهي شهرن جي وچ ۾ چرپر جي رابطن جي تعمير سان ان جي ذاتي تعلق جي عڪاسي ڪري ٿو. سعودي سفير چيو ته هو پاڪستان کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿو، سعودي قيادت شروع کان ئي پاڪستان سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري جا لاڳاپا ٺوس بنياد تي قائم آهن ۽ ڪاروبار، واپار ۽ سيڙپڪاري جي ميدان ۾ انهن لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائينداسين. وقتي صدر اميد ظاهر ڪئي ته نئين مقرر ٿيل سفير جي دور ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.










