اسلام آباد-23 آڪٽوبر(اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته آزمائشن ۽ عالمي بحرانن جي دور ۾ اهي ئي قومون ترقي ڪنديون آهن جيڪي خطرن کي موقعن ۾ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون، پاڪستان کي معاشي خودمختياري جي منزل تائين پهچائڻ لاءِ خانگي شعبي جي نيٽ ورڪنگ، گڏيل حصيداري ۽ جدت کي هٿي ڏيڻ ذريعي ئي ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي …
معاشي خودمختياري لاءِ خانگي شعبي جي نيٽ ورڪنگ، گڏيل حصيداري ۽ جدت کي هٿي ڏيڻ سان روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال
اسلام آباد-23 آڪٽوبر(اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته آزمائشن ۽ عالمي بحرانن جي دور ۾ اهي ئي قومون ترقي ڪنديون آهن جيڪي خطرن کي موقعن ۾ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون، پاڪستان کي معاشي خودمختياري جي منزل تائين پهچائڻ لاءِ خانگي شعبي جي نيٽ ورڪنگ، گڏيل حصيداري ۽ جدت کي هٿي ڏيڻ ذريعي ئي ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن انهن خيالن جو اظهار سي اي او ڪلب پاڪستان ۽ ورلڊ سي اي او فورم جي اهتمام هيٺ منعقد ملڪ جي اهم ڪارپوريٽ ڪانفرنس سي اي او سمٽ 2026ع کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ 500 کان به وڌيڪ ڪاروباري اڳواڻن، چيف ايگزيڪيوٽوز، عالمي سيڙپڪارن، غير ملڪي سفارتڪارن ۽ عورت ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي ۽ معاشي خودمختياري جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بصيرت ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪستان معاشي ڏيوالپڻي جي خطري تي ڪنٽرول ڪيو ۽ پنهنجي دفاع کي ناقابل تسخير بڻايو. هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ معاشي محاذ تي به مضبوط بنياد تي اڳتي وڌي ۽ قومي ترقي لاءِ دستياب موقعن مان ڀرپور فائدو کڻي. هن خانگي شعبي تي زور ڀريو ته هو ڪاروباري رابطن کي وڌائي، سيڙپڪاري جا نوان موقعا، گڏيل تعاون کي هٿي وٺرائي ۽ جدت تي ٻڌل قدمن ذريعي ملڪي معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري. پروفيسر احسن اقبال چيو ته روانگي واپار ۾ اضافو پاڪستان جي پائيدار معاشي ترقي ۽ خودمختياري لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو. ڪانفرنس ۾ ملڪي معيشت ۾ قدر جوڳو ڪردار ادا ڪندڙ ڪاروباري اڳواڻن کي سي اي او ايوارڊز سان نوازيو ويو جنهن جو مقصد ڪاروباري قيادت ۽ معاشي ترقي ۾ نمايان خدمتن جي واکاڻ ڪرڻ هيو.












