لاڙڪاڻو - 23 آڪٽوبر(اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ ڪنگا ٿاڻي جي حد هِيرا واهه واري علائقي ۾ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏوھارين ۽ گشت تي موجود پوليس ۾ مبينا مقابلو ٿي ويو جنهن دوران ٻطرفي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس ترجمان موجب، زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڏوھاري جي سڃاڻپ وقار جي نالي سان ٿي آهي. شروعاتي معلومات …
لاڙڪاڻي ۾ ڪنگا ٿاڻي جي حد ۾ مبينا پوليس مقابلو، هڪ ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 23 آڪٽوبر(اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ ڪنگا ٿاڻي جي حد هِيرا واهه واري علائقي ۾ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏوھارين ۽ گشت تي موجود پوليس ۾ مبينا مقابلو ٿي ويو جنهن دوران ٻطرفي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس ترجمان موجب، زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڏوھاري جي سڃاڻپ وقار جي نالي سان ٿي آهي. شروعاتي معلومات ۽ هينئر تائين حاصل ڪيل ڪرمنل رڪارڊ مطابق ڄاڻايل ڌاڙيل لاڙڪاڻي جي مختلف ٿاڻن ۾ سنگين قسم جي ڏوهن ۾ ملوث آهي. زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڌاڙيل کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪرڻ سميت فرار ٿي ويل ڏوھارين جي ڳولا جاري آهي.











