خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري پاران ملڪ ۾ انٽرنيٽ سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي پاران تعاون جي آڇ

اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري پارلياماني سيڪريٽري سبين غوري کي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي پاران تعاون جي آڇ ڪئي آهي. جمعي جي ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران آصفه ڀٽو زرداري چيو ته نوابشاهه ۾ نه ته جي فائيو ۽ نه ئي جي فور …

اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري پارلياماني سيڪريٽري سبين غوري کي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي پاران تعاون جي آڇ ڪئي آهي. جمعي جي ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران آصفه ڀٽو زرداري چيو ته نوابشاهه ۾ نه ته جي فائيو ۽ نه ئي جي فور جي انٽرنيٽ سهولت موجود آهي. هن پارلياماني سيڪريٽري سبين غوري کي دعوت ڏني ته پاڪستان پيپلز پارٽي سان گڏ ويهي سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي سهولت بهتر بڻائڻ لاءِ تعاون ڪري ڇاڪاڻ ته هي پاڪستان جي نوجوانن ۽ ڪاروباري برادري جي هڪ اهم ضرورت آهي، جنهن تي پارلياماني سيڪريٽري جواب ڏنو ته هوءَ هن تجويز جي آجيان ڪري ٿي.

مزید خبریں