وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاران چين جي خود مختيار علائقي ناگڪوزيزانگ ۾ زلزلي سبب جاني نقصان تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چين جي خود مختيار علائقي ناگڪوزيزانگ ۾ زلزلي سبب قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جمعي جي ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب سيد يوسف رضا گيلاني زلزلي سبب قيمتي انساني جانين جي نقصان تي چين جي صدر شي جن پنگ ۽ چين جي …

اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چين جي خود مختيار علائقي ناگڪوزيزانگ ۾ زلزلي سبب قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جمعي جي ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب سيد يوسف رضا گيلاني زلزلي سبب قيمتي انساني جانين جي نقصان تي چين جي صدر شي جن پنگ ۽ چين جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ڏک جي هن گهڙي ۾ چين جي عوام سان مڪمل يڪجهتي سان بيٺو آهي. سيد يوسف رضا گيلاني زلزلي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي.

مزید خبریں