اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 23 آڪٽوبر تي ترڪيه جي شهر استنبول ۾ آر فور (پاڪستان، ترڪيه، سعودي عرب ۽ مصر) جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. جمعي جي ڏينهن پرڏيهي معاملن واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي ترڪيه جي پرڏيهي وزير حاقان فيدان دوري جي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 23 آڪٽوبر تي استنبول ۾ آر فور جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 23 آڪٽوبر تي ترڪيه جي شهر استنبول ۾ آر فور (پاڪستان، ترڪيه، سعودي عرب ۽ مصر) جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. جمعي جي ڏينهن پرڏيهي معاملن واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي ترڪيه جي پرڏيهي وزير حاقان فيدان دوري جي دعوت ڏني آهي. آر فور (پاڪستان، ترڪيه، سعودي عرب ۽ مصر) جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس کان پوءِ آر فور پلس اي ٿري پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ اي ٿري ملڪ (برطانيه، فرانس ۽ جرمني) پڻ شرڪت ڪندا. هي ستن ملڪن جي وچ ۾ هن فارميٽ جو پهريون اجلاس هوندو. اجلاسن ۾ اهم علائقائي اڳڀرائي تي ڌيان ڏنو ويندو ۽ گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ جامع سفارتي حڪمت عملين تي غور ڪيو ويندو. دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پنهنجي هم منصبن سان ٻطرفيُون ملاقاتون پڻ ڪندو. اجلاس ۾ پاڪستان جي شرڪت تعميري سفارتڪاري، علائقائي تعاون ۽ تڪرارن جي پرامن حل لاءِ پاڪستان جي مسلسل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي.










