وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ فضائي ۽ سامونڊي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور

اسلام آباد - 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ فضائي ۽ سامونڊي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته صدر ڊاڪٽر محمد معيزو جي تازي دوري دوران پيدا ٿيندڙ خيرسگالي کي هڪ پائيدار اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي. خميس ڏينهن سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته پنهنجي ويجهي ڀاءُ ۽ …

اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ فضائي ۽ سامونڊي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته صدر ڊاڪٽر محمد معيزو جي تازي دوري دوران پيدا ٿيندڙ خيرسگالي کي هڪ پائيدار اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي. خميس ڏينهن سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته پنهنجي ويجهي ڀاءُ ۽ مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو سان گڏ مالديپ – پاڪستان بزنس فورم کي خطاب ڪندي خوشي محسوس ٿي. اسان ٻطرفي لاڳاپن، خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته مون فضائي ۽ سامونڊي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته هن دوري دوران پيدا ٿيندڙ خيرسگالي کي هڪ پائيدار اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي.

مزید خبریں