پشاور - 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ايپڪس ڪميٽي هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ دهشتگرد نيٽ ورڪس، انهن جي سهولتڪارن ۽ مددگار ڍانچي کي ختم ڪرڻ جي قومي عزم جو ورجاءُ ڪندي واضح ڪيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ پوري قوم جي گڏيل ذميواري آهي، ان مقصد جي لاءِ سمورن رياستي ادارن جي وچ ۾ مسلسل رابطي، ڳجهي معلومات جي موثر مٽاسٽا ۽ دهشتگردي جي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پشاور ۾ وفاقي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس، هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي، دهشتگرد نيٽ ورڪس، سهولتڪارن ۽ مددگار ڍانچي کي ختم ڪرڻ جي قومي عزم جو ورجاءُ
پشاور – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ايپڪس ڪميٽي هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ دهشتگرد نيٽ ورڪس، انهن جي سهولتڪارن ۽ مددگار ڍانچي کي ختم ڪرڻ جي قومي عزم جو ورجاءُ ڪندي واضح ڪيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ پوري قوم جي گڏيل ذميواري آهي، ان مقصد جي لاءِ سمورن رياستي ادارن جي وچ ۾ مسلسل رابطي، ڳجهي معلومات جي موثر مٽاسٽا ۽ دهشتگردي جي خلاف ٺوس قدم ضروري آهن جڏهن ته قبائلي ضلعن جي نمائندن تي ٻڌل ترقياتي ڪائونسل جي ميمبرن دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ، ان جون پاڙون ختم ڪرڻ ۽ مستقل امن قائم ڪرڻ جي پنهنجي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي پائيدار امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڀرپور حمايت جاري رکڻ جو يقين ڏياريو. ان ڳالهه جو اظهار خميس ڏينهن هتي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پشاور ۾ وفاقي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو جڏهن ته وزيراعظم قبائلي ضلعن جي نمائندن تي ٻڌل ترقياتي ڪائونسل (اي آر ڊي سي) جي ميمبرن سان پڻ جدا ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اجلاسن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله خان، مشاورتي ڪائونسل جي ميمبرن، قبائلي ضلعن جي نمائندن تي ٻڌل ترقياتي ڪائونسل جي ميمبرن، ڪور ڪمانڊر پشاور ۽ ٻين اعلى سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. صوبي ۾ ايمرجنسي جي لاڳو ۽ گورنر راڄ کانپوءِ خيبرپختونخواهه جي مجموعي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس کي صوبي جي انتظامي معاملن، حڪومتي نظام ۾ سڌارن، ادارن جي احتساب، شفافيت ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ جي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته صوبي ۾ ڊگهي عرصي کان درپيش انتظامي مسئلا حل ڪرڻ ۽ عوام جي زندگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ فوري ۽ موثر قدم کنيا وڃن خاص طور تي ضم ٿيل ضلعن ۽ دهشتگردي کان متاثر علائقن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. ايپڪس ڪميٽي دهشتگردي جي هر شڪل جي مڪمل خاتمي ۽ دهشتگرد نيٽ ورڪس، انهن جي سهولتڪارن ۽ مددگار ڍانچي کي ختم ڪرڻ جي قومي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اجلاس ۾ واضح ڪيو ويو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ پوري قوم جي گڏيل ذميواري آهي. ان مقصد جي لاءِ سمورن رياستي ادارن جي وچ ۾ مسلسل رابطي، ڳجهي معلومات جي موثر ڏي وٺ ۽ دهشتگردي جي خلاف ٺوس قدم ضروري آهن. اجلاس ۾ چيو ويو ته عوام، شهيدن، سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جي قربانين سان حاصل ٿيندڙ ڪاميابين کي هر صورت ۾ برقرار رکيو ويندو. خيبرپختونخواهه پوليس، دهشتگردي جي خاتمي واري اداري (سي ٽي ڊي) ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيت وڌائڻ جي قدمن تي پڻ غور ڪيو ويو. انهن قدمن ۾ پيشيواراڻي تربيت، جديد اوزارن، بهتر بنيادي ڍانچي، ڳجهي معلومات گڏ ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ ادارن جي وچ ۾ موثر رابطي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ شامل آهي.











