پوليو جي خاتمي واري جدوجهد ۾ عالمي ڀائيوارن جو تعاون ساراهه جوڳو آهي: عائشه رضا فاروق

اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) پوليو جي خاتمي بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق چيو آهي ته پوليو جي خاتمي جي جدوجهد ۾ عالمي ڀائيوارن جو تعاون ساراهه جوڳو آهي، پاڪستان کي پوليو کان پاڪ بڻائڻ لاءِ سمورن ڀائيوارن جون گڏيل، مربوط ۽ مسلسل ڪوششون اڻٽر آهن. اهڙو اظهار هن پوليو جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي عالمي ڀائيواري جي نمائندن جي نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر (اين …

اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) پوليو جي خاتمي بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق چيو آهي ته پوليو جي خاتمي جي جدوجهد ۾ عالمي ڀائيوارن جو تعاون ساراهه جوڳو آهي، پاڪستان کي پوليو کان پاڪ بڻائڻ لاءِ سمورن ڀائيوارن جون گڏيل، مربوط ۽ مسلسل ڪوششون اڻٽر آهن. اهڙو اظهار هن پوليو جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي عالمي ڀائيواري جي نمائندن جي نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر (اين اي او سي) جي دوري جي موقعي تي ڪيو جتي پوليو پروگرام جي قيادت عالمي ڀائيوارن ۽ فرنٽ لائن ورڪرز وچ ۾ خصوصي اجلاس منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي عالمي ڀائيوارن جي نمائندن کي پاڪستان ۾ پوليو جي موجوده صورتحال، درپيش چئلينجز ۽ بيماري جي مڪمل خاتمي لاءِ آئنده جي حڪمت عملي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. شرڪت ڪندڙن پاڪستان کي پوليو کان پاڪ بڻائڻ لاءِ گڏيل ۽ مسلسل ڪوششون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. عالمي ڀائيوارن جي نمائندن قومي صحت واري اداري ۾ قائم پوليو ليبارٽري جو به دورو ڪيو جتي کين پاڪستان ۾ پوليو وائرس جي چڪاس، نگراني ۽ وائرس جي وقت سر نشاندهي لاءِ قائم نظام جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. هنن چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ عالمي ڀائيوارن جي مالي، فني ۽ عملي مدد جو تسلسل انتهائي اهميت رکي ٿو ته جيئن پوليو وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ ۽ هر ٻار تائين ويڪسين جي رسائي يقيني بڻائڻ لاءِ جاري قدمن کي وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي، عائشه رضا فاروق ٻڌايو ته بلوچستان ۾ نومبر 2024ع کان پوءِ جڏهن ته پنجاب ۾ فيبروري 2025ع کانپوءِ پوليو جو ڪو ڪيس رپورٽ نه ٿيو، جيڪو پوليو جي خاتمي جي ڪوششن جي حوالي سان اهم اڳڀرائي آهي جڏهن ته ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ مسلسل نگراني، موثر حڪمت عملي ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن وچ ۾ ويجهو تعاون ضروري آهي. هن چيو ته سڄي پاڪستان ۾ 4 لک کان وڌيڪ فرنٽ لائين ورڪرز پوليو جي خاتمي جي قومي ڪوششن ۾ مصروف آهن، انهن ورڪرز جي محنت، لگن ۽ عزم کانسواءِ پوليو جو خاتمو ممڪن ناهي. فرنٽ لائين ورڪرز نه رڳو ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا پر ڪميونٽيز سان رابطي ۽ ويڪسين بابت آگاهي کي هٿي وٺرائڻ ۾ به اهم خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن. عائشه رضا فاروق وڌيڪ چيو ته پوليو ورڪرز جو عملي تجربو زميني حقيقتن بابت معلومات ۽ تجويزون پوليو جي خاتمي جي موثر منصوبابندي ۽ مهمن کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، پوليو جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٿيل هنن ويهڪن جو مقصد پاڪستان ۾ پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ قومي ۽ عالمي ڀائيواري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ فرنٽ لائين ورڪرز جي خدمتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ گڏيل ڪوششن جي تسلسل جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ هو.

مزید خبریں