ملڪ ۾ کنڊ وڏي مقدار ۾ موجود آهي، حڪومتي قدمن سبب گذريل ڪجهه عرصي کان کنڊ جون قيمتون مستحڪم آهن: بئريسٽر عقيل ملڪ

اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي ته ملڪ ۾ کنڊ وڏي مقدار ۾ موجود آهي، حڪومتي قدمن سبب گذريل ڪجهه وقت کان کنڊ جون قيمتون مستحڪم آهن. خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران ثمينه خالد گهرڪي جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته کنڊ سميت ٻين ضروري شين بابت نائب وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ …

اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي ته ملڪ ۾ کنڊ وڏي مقدار ۾ موجود آهي، حڪومتي قدمن سبب گذريل ڪجهه وقت کان کنڊ جون قيمتون مستحڪم آهن. خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران ثمينه خالد گهرڪي جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته کنڊ سميت ٻين ضروري شين بابت نائب وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ پرائيس ڪنٽرول ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، صوبائي سطح تي به پرائيس ڪنٽرول ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن، اهڙي طرح ايف بي آر به ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم تحت شفافيت برقرار رکي ٿو. هن چيو ته گذريل ڪجهه وقت کان حڪومتي قدمن سبب کنڊ جون قيمتون مستحڪم آهن، ضلعي انتظاميه اسلام آباد وفاقي گادي واري هنڌ ۾ کنڊ جي قيمتن جي نگراني ڪري رهي آهي، اهڙي طرح کنڊ ذخيرو ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ به قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ کنڊ وڏي مقدار ۾ موجود آهي، هلندڙ سال ملڪ ۾ ڪمند جي پوکي  ۽ پيداوار ۾ اضافو ٿيو آهي.

مزید خبریں