اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي تعاون سان ڪراچي کان روهڙي تائين ريلوي لائين تي ڪم جلد شروع ٿيندو، موجوده حڪومت ريلوي جي 2 لک ايڪڙ زمين تي ٿيل قبضو ڇڏايو آهي. خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران قومي اسيمبلي جي ميمبرن صاحبزاده صبغت الله، نثار احمد جٽ، پير فضل شاهه ۽ …
ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي تعاون سان ڪراچي کان روهڙي تائين ريلوي لائين تي ڪم جلد شروع ٿيندو، موجوده حڪومت ريلوي جي 2 لک ايڪڙ ايراضي قبضو ڪندڙن کان آجي ڪرائي آهي: حنيف عباسي
اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي تعاون سان ڪراچي کان روهڙي تائين ريلوي لائين تي ڪم جلد شروع ٿيندو، موجوده حڪومت ريلوي جي 2 لک ايڪڙ زمين تي ٿيل قبضو ڇڏايو آهي. خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران قومي اسيمبلي جي ميمبرن صاحبزاده صبغت الله، نثار احمد جٽ، پير فضل شاهه ۽ سيد رفيع الله شاهه جي سوالن جا جواب ڏيندي ريلوي واري وزير چيو ته ريلوي ٽريڪ جا پراڻا مسئلا آهن ڇاڪاڻ ته هي تمام پراڻو آهي، موجوده حڪومت ريلوي لائين جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي تعاون سان ڪراچي کان روهڙي تائين ريلوي لائين تي ڪم جلد شروع ٿيندو، هي ايم ايل-1 منصوبي جو حصو آهي، روهڙي کان ملتان تائين ريلوي لائين وڇائڻ تي ڳالهيون جاري آهن. هن چيو ته خيبرپختونخواهه کان علاوه سکر، ڪراچي، لاهور ۽ راولپنڊي سميت سڀني شهرن ۾ حد دخلين خلاف ڪارروائي جاري آهي. ريلوي 2 لک ايڪڙ قبضو ڪيل زمين واپس حاصل ڪئي آهي ۽ سرڪاري ۽ نجي شعبن کان ريلوي جي سموري ايراضي آجي ڪرائينداسين.











