پشاور - 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه ۾ ترقياتي منصوبن جي لاءِ 160 ارب رپيا فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته عوام جي وسيلن جو هڪ هڪ پئسو ترقي ۽ خوشحالي تي خرچ ڪيو ويندو، ترقياتي منصوبن جي تڪميل جي لاءِ رڪاوٽون فوري طور تي ختم ڪيون وينديون، قبائلي اڳواڻن سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، دهشتگردي جي خلاف قبائلي عوام بي مثال …
وزيراعظم پاران خيبرپختونخواهه ۾ ترقياتي منصوبن جي لاءِ 160 ارب رپيا فراهم ڪرڻ جو اعلان، عوام جي وسيلن جو هڪ هڪ پئسو ترقي ۽ خوشحالي تي خرچ ڪيو ويندو: محمد شهباز شريف
پشاور – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه ۾ ترقياتي منصوبن جي لاءِ 160 ارب رپيا فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته عوام جي وسيلن جو هڪ هڪ پئسو ترقي ۽ خوشحالي تي خرچ ڪيو ويندو، ترقياتي منصوبن جي تڪميل جي لاءِ رڪاوٽون فوري طور تي ختم ڪيون وينديون، قبائلي اڳواڻن سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، دهشتگردي جي خلاف قبائلي عوام بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن گورنر هائوس پشاور ۾ قبائلي ضلعن جي نمائندن تي ٻڌل ترقياتي ڪائونسل ۽ صلاحڪارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته قبائلي عوام گهرا زخم برداشت ڪيا پر پاڪستان سان وابستگي ۾ ڪڏهن به گهٽتائي نه آئي. قبائلي اڳواڻن جي قربانين ۽ پاڪستان سان والهاڻي وابستگي کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. وزيراعظم چيو ته اڄ خيبرپختونخواهه ۾ ترقياتي منصوبن، سيڪيورٽي، پوليس جي تربيت ۽ انتظامي معاملن تي تفصيلي اجلاس ٿيو. صوبي ۾ ترقياتي ڪمن ۽ سيڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻ جي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا. هن خيبرپختونخواهه ۾ ترقياتي منصوبن جي لاءِ 160 ارب رپيا فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته صوبي ۾ ڪڻڪ جي کوٽ ختم ڪرڻ جي لاءِ وفاق هر ممڪن تعاون ڪندو، ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي نه ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وفاق جي فراهم ڪيل قيمت تي عام ماڻهو کي ڪڻڪ جي دستيابي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خاتمي واري اداري کي موثر بڻائڻ جي لاءِ قدمن جي هدايت ڪئي آهي، خيبرپختونخواهه ۾ سيف سٽي منصوبا مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، دهشتگردي جي خلاف ڪاررواين جي لاءِ وفاق سمورا ضروري وسيلا فراهم ڪندو. وزيراعظم چيو ته ترقياتي منصوبن جي تڪميل جي لاءِ رڪاوٽون فوري طور تي ختم ڪيون وينديون. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ 13 سالن دوران سيڪيورٽي آپريشنز ۽ پوليس جي ڪارڪردگي ۾ خاميون سامهون آيون. وزيراعظم هدايت ڪئي ته چوري ۽ ڦر جي واقعن تي فوري ڪارروائي ۽ جوابدارن جي گرفتاري يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت ۾ پيئڻ جي پاڻي جي منصوبن ۾ 100 ارب رپين جو مبينا اسڪينڊل سامهون آيو آهي. وزيراعظم ان موقعي تي ڪوهستان ۾ 37 ارب رپين جي مبينا فراڊ جو پڻ حوالو ڏنو. وزيراعظم چيو ته عوام جي وسيلن جو هڪ هڪ پئسو ترقي ۽ خوشحالي تي خرچ ڪيو ويندو، صوبي جي وسيلن جي مبينا ڦرلٽ تي ضابطو آندو ويندو. وزيراعظم چيو ته 40 چونڊيل ميمبرن تي ٻڌل قبائلي ڪائونسل جي ڪلهن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي، قبائلي ڪائونسل کي مڪمل طور تي بااختيار بڻايو ويندو، قبائلي علائقن ۾ ترقياتي معاملن ۽ انصاف جي فراهمي لاءِ ڀرپور مدد ڪنداسين، قبائلي عوام جي حقن جي تحفظ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻينداسين، قبائلي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪنداسين. ان موقعي تي قبائلي اڳواڻن ۽ صلاحڪارن چيو ته خيبرپختونخواهه جي صورتحال تي خاص ڌيان ڏيڻ تي وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون. قبائلي اڳواڻن چيو ته مسئلن جي حل ۾ ڀرپور تعاون ڪنداسين. ان موقعي تي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ وفاقي ڪابينا جا ميمبر پڻ موجود هئا.











