نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران ڊين نيڪولائيسڪو کي رومانيا جو پرڏيهي وزير مقرر ٿيڻ تي مبارڪون

اسلام آباد - 22 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڊين نيڪولائيسڪو کي رومانيا جي پرڏيهي وزير جي عهدي تي مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ رومانيا جي وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. خميس ڏينهن سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ نائب وزيراعظم ۽ …

اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڊين نيڪولائيسڪو کي رومانيا جي پرڏيهي وزير جي عهدي تي مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ رومانيا جي وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. خميس ڏينهن سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته رومانيا جي پرڏيهي وزير جي عهدي تي مقرر ٿيڻ تي ڊين نيڪولائيسڪو کي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن سندس نئين ذميوارين ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته پرڏيهي وزير ڊين نيڪولائيسڪو سان ويجهي تعاون جي ذريعي پاڪستان ۽ رومانيا جي وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي.

مزید خبریں