ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ جي اڳواڻي ۾ ضلعي پوليس جون ڪامياب ڪارروايون جاري، 03 جوابدار گرفتار

لاڙڪاڻو- 22 آڪٽوبر(اي پي پي)ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ حسن سردار احمد خان نيازي جي اڳواڻي ۾ ضلعي پوليس جون ڪامياب ڪارروايون جاري آهن. منشيات فروش ۽ روپوش سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري، ڀنگ ۽ هٿيار هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس جي ترجمان موجب ايس ايڇ او نصيرآباد انسپيڪٽر عبدالستار مگسي سم شاخ نصيرآباد وٽ ڪارروائي ڪندي منشيات فروش جوابدار ڪاشف چنجڻي کي گرفتار ڪري سندس …

لاڙڪاڻو- 22 آڪٽوبر(اي پي پي)ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ حسن سردار احمد خان نيازي جي اڳواڻي ۾ ضلعي پوليس جون ڪامياب ڪارروايون جاري آهن. منشيات فروش ۽ روپوش سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري، ڀنگ ۽ هٿيار هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس جي ترجمان موجب ايس ايڇ او نصيرآباد انسپيڪٽر عبدالستار مگسي سم شاخ نصيرآباد وٽ ڪارروائي ڪندي منشيات فروش جوابدار ڪاشف چنجڻي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ٻه ڪلو گرام ڀنگ هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ٻي ڪارروائي ۾ ايس ايڇ او ميروخان انسپيڪٽر شفقت حسين قناصرو اسٽاف سان گڏ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي ميروخان ٿاڻو  جي ڦر واري ڪيس ۾ گهربل جوابدار غلام مصطفيٰ گوپانگ کي گرفتار ڪري جوابدار جي قبضي مان ڏوهه ۾ استعمال ٿيل هڪ پسٽل ۽ ميگزين هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ٽين ڪارروائي ۾ ايس ايڇ او سجاول جوڻيجو انسپيڪٽر نثار عالم ابڙو اسٽاف سان گڏ حيدر چوڪ وٽ ڪارروائي ڪندي سجاول جوڻيجو ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ روپوش جوابدار غلام قادر ماڇي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

مزید خبریں