ٽي ڊي اي پي حيدرآباد جي ريجنل آفيس جي سربراهه پاران حيدرآباد چيمبر آف اسمال ٽريڊرز اينڊ اسمال انڊسٽري جي سيڪريٽريٽ جو دورو

حيدرآباد - 22 آڪٽوبر ( اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) حيدرآباد جي ريجنل آفيس جي سربراهه صلاح الدين عباسي خميس ڏينهن حيدرآباد چيمبر آف اسمال ٽريڊرز اينڊ اسمال انڊسٽري جي سيڪريٽريٽ جو دورو ڪيو، جتي هن چيمبر جي نئين چونڊيل صدر نديم احمد صديقي، سينيئر نائب صدر محمد فهد ميان ۽ نائب صدر عرفان کي چونڊجڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي. ملاقات دوران صلاح …

حيدرآباد – 22 آڪٽوبر ( اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) حيدرآباد جي ريجنل آفيس جي سربراهه صلاح الدين عباسي خميس ڏينهن حيدرآباد چيمبر آف اسمال ٽريڊرز اينڊ اسمال انڊسٽري جي سيڪريٽريٽ جو دورو ڪيو، جتي هن چيمبر جي نئين چونڊيل صدر نديم احمد صديقي، سينيئر نائب صدر محمد فهد ميان ۽ نائب صدر عرفان کي چونڊجڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي. ملاقات دوران صلاح الدين عباسي تجويز پيش ڪئي ته ايندڙ مهينن ۾ حيدرآباد ۾ گڏيل صنعتي ۽ ايڪسپورٽ نمائش منعقد ڪرڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو وڃي، جنهن ۾ حيدرآباد چيمبر ۽ ٽي ڊي اي پي گڏجي سهڪار ڪن. تجويز ڪيل نمائش جو مقصد حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڪم ڪندڙ صنعتن جي ايڪسپورٽ صلاحيت رکندڙ شين کي هڪ اثرائتو پليٽ فارم فراهم ڪرڻ ۽ مقامي صنعتڪارن جي تيار ڪيل شين کي ملڪي ۽ عالمي خريدارن آڏو پيش ڪرڻ آهي. ان موقعي تي چيمبر جي صدر نديم احمد صديقي حيدرآباد جي ايڪسپورٽ صلاحيت کي اثرائتي نموني اجاگر ڪرڻ لاءِ اعليٰ سطحي واپاري ۽ ايڪسپورٽ وفد جوڙي مختلف ملڪن جا دورا ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. هن چيو ته چيمبر مقامي صنعتڪارن ۽ ايڪسپورٽ ڪندڙن کي عالمي مارڪيٽن سان ڳنڍڻ، پرڏيهي ڪاروباري ادارن سان رابطا قائم ڪرڻ ۽ حيدرآباد جي شين جي ايڪسپورٽ ۾ واڌ لاءِ عملي قدم کڻڻ جو خواهشمند آهي. هن ٽي ڊي اي پي کي درخواست ڪئي ته تجويز ڪيل وفد لاءِ لاڳاپيل ملڪن جي چونڊ، ضروري دستاويزن، سرڪاري ضابطن، واپاري رابطن ۽ ٻين انتظامي توڙي فني معاملن ۾ سهڪار فراهم ڪيو وڃي، جيئن وفد جا دورا باقاعده ۽ نتيجا ڏيندڙ بڻائي سگهجن. چيمبر جي صدر نديم احمد صديقي چيو ته ٽي ڊي اي پي سان گڏجي ايڪسپورٽ وفد جي تجويز ڪيل دورن کان اڳ لاڳاپيل ملڪن جي مارڪيٽن، امپورٽ ضرورتن، واپاري ضابطن، امڪاني خريدارن ۽ پاڪستاني شين جي طلب بابت مستند معلومات گڏ ڪئي ويندي. تجويز ڪيل دورن جي سلسلي ۾ چونڊيل ملڪن جي واپاري نمائندن ۽ لاڳاپيل ادارن سان آن لائين ويبينار منعقد ڪرڻ جي تجويز پڻ غور هيٺ آئي، جنهن ذريعي حيدرآباد جي صنعتڪارن کي پرڏيهي ڪاروباري موقعن، امپورٽ ڪندڙن جي ضرورتن، مارڪيٽن تائين رسائي ۽ واپاري سهڪار جي امڪانن بابت آگاهي ڏئي سگهجي. ان موقعي تي سينيئر نائب صدر محمد فهد ميان، نائب صدر عرفان عاربياني، اڳوڻو صدر محمد اڪرم انصاري، اڳوڻو نائب صدر شان سهگل ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جا ٻيا ميمبر پڻ موجود هئا. هنن ان ڳالهه تي پڻ زور ڀريو ته لاڳاپيل ادارن وچ ۾ مسلسل رابطن، مستند واپاري معلومات جي ڏي وٺ ۽ گڏيل منصوبابنديءَ ذريعي حيدرآباد جي صنعتي ۽ ايڪسپورٽ صلاحيت کي وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ اجاگر ڪيو وڃي.

مزید خبریں