ڪينيڊا پاران آمريڪي ٽيڪس سبب متاثر صنعت جي تحفظ لاءِ 8.7 ارب ڊالرن جي امدادي منصوبي جو اعلان

اوٽاوا-22 آڪٽوبر(اي پي پي)ڪينيڊا جي وزير اعظم مارڪ ڪارني ۽ اونٽاريو صوبي جي وڏي وزير ڊگ فورڊ آمريڪي وصولين سبب متاثر ڪارڪنن ۽ ڪاروباري ادارن جي مدد ۽ ڊگهي مدي جي معاشي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ 8.7 ارب ڪينيڊين ڊالرن جي امدادي قدمن جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب ان منصوبي جو بنيادي مقصد اونٽاريو جي فولادسازي، آٽو موبائل ۽ …

اوٽاوا-22 آڪٽوبر(اي پي پي)ڪينيڊا جي وزير اعظم مارڪ ڪارني ۽ اونٽاريو صوبي جي وڏي وزير ڊگ فورڊ آمريڪي وصولين سبب متاثر ڪارڪنن ۽ ڪاروباري ادارن جي مدد ۽ ڊگهي مدي جي معاشي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ 8.7 ارب ڪينيڊين ڊالرن جي امدادي قدمن جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب ان منصوبي جو بنيادي مقصد اونٽاريو جي فولادسازي، آٽو موبائل ۽ اهم معدنيات جي صنعتن جو تحفظ يقيني بنائڻ آهي. منصوبي تحت فولاد جي صنعت لاءِ گڏيل ايڪشن فنڊ قائم ڪيو ويندو جڏهن ته گاڏيون تيار ڪندڙ ڪمپنينن کي پيداواري لائنن کي جديد بنائڻ ۽ مستقبل جي اليڪٽرڪ گاڏين جي  تياري ۾ مدد فراهم ڪئي ويندي. منصوبي ۾ صوبي جي اترئين پاسي وارن علائقن ۾ اهم معدنيات جي سپلائي جي ترقي لاءِ روڊن جي بنيادي ڍانچي جي تعمير ۽ ڄاڻايل منظورين جي عمل کي آسان بڻائڻ به شامل آهي. وزيراعظم مارڪ ڪارني چيو ته ڪينيڊا ۽ اونٽاريو جون حڪومتون موجوده دور ۾ روزگار جي تحفظ سميت اهڙي سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن جيڪا مستقبل ۾ ڪيينڊا جي معيشت کي وڌيڪ مضبوط، مستحڪم ۽ خودمختيار بڻائڻ ۾ مدد ڏيندي. اونٽاريو ڪيينڊا جي صنعتي پيداواري سرگرمين جو اهم مرڪز آهي جتي آٽو موبائل ۽ فولاد سازي جون وڏيون صنعتون موجود آهن جڏهن ته اهم معدنيات جا وسيع ذخيره به آهن. آمريڪا کي خاص طور تي گاڏين ۽ فولاد جي روانگي واپار تي ڀروسي سبب اهو منصوبو آمريڪي ٽيڪس سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ شامل آهي. بيان موجب ڪينيڊا جي حڪومت آمريڪي ٽيڪس سبب متاثر ملڪي ڪارڪنن ۽ ڪاروباري ادارن جي مدد لاءِ هيستائين 25 ارب ڪينيڊين ڊالرز کان به وڌيڪ فراهم ڪري چڪي آهي.

مزید خبریں