پينٽاگون وچ اوڀر ۾ پنهنجي فوج جي موجودگي خاموشي سان گهٽائي رهيو آهي: بي بي سي

نيويارڪ -22 آڪٽوبر(اي پي پي) حوثين جي جاري علائقائي خطرن ۽ ايران جي ڌمڪين سبب آمريڪي فوج وچ اوڀر ۾ پنهنجي فوج جو ڪجهه اڏن تان خاموشي سان انگ گهٽ ڪري رهي آهي. بي بي سي موجب انهن رپورٽس تي ردعمل ڏيندي آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) جي ترجمان ڪيپٽن ٽم هاڪنز چيو ته آمريڪي فوج معمول موجب پنهنجن اهلڪارن ۽ ساز و سامان جي چر پر  ڪندي رهي ته جيئن …

نيويارڪ -22 آڪٽوبر(اي پي پي) حوثين جي جاري علائقائي خطرن ۽ ايران جي ڌمڪين سبب آمريڪي فوج وچ اوڀر ۾ پنهنجي فوج جو ڪجهه اڏن تان خاموشي سان انگ گهٽ ڪري رهي آهي. بي بي سي موجب انهن رپورٽس تي ردعمل ڏيندي آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) جي ترجمان ڪيپٽن ٽم هاڪنز چيو ته آمريڪي فوج معمول موجب پنهنجن اهلڪارن ۽ ساز و سامان جي چر پر  ڪندي رهي ته جيئن مختلف مشنز لاءِ آپريشنل تياري کي بهتر بڻائي سگهجي. هن چيو ته آپريشنل سيڪيورٽي سببن جي ڪري اسان اهڙين حرڪتن  جا تفصيل فراهم نٿا ڪيون. آمريڪي فوج خطي ۾ آمريڪي اهلڪارن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ تيار رهي. ٻئي پاسي آمريڪي پرڏيهي وزارت حوثي جماعت سان جڙيل خطرن جو حوالو ڏيندي سعودي عرب ۾ آمريڪي سفارتخاني جي غير ضروري عملي ۽ انهن جي ڪٽنب کي ملڪ ڇڏڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي. وڌيڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وچ اوڀر ۾ موجود ڪجهه آمريڪي سفارتخانن به محدود سرگرمين جي حالت ۾ پنهنجي عملي جي انگ ۾ تبديليون ڪيون آهن. آمريڪي پرڏيهي وزارت آگسٽ ۾ ايران سان ڇڪتاڻ ۽ تڪرار ۾ شدت دوران محدود سرگرمين جي ان پاليسي جو اعلان ڪيو هيو. ان طريقيڪار تحت سفارتخاني پنهنجي سرگرمين جي ان پاليسي جو اعلان ڪيو هيو ته  ان طريقيڪار تحت سفارت خانو پنهنجي سرگرميون  مڪمل طور تي ملتوي ڪرڻ  بنا عملي جي انگ ۽ خدمتن کي محدود ڪري سگهن ٿا.

مزید خبریں