اسلام آباد- 22 آڪٽوبر (اي پي پي) مالديپ جي خاتون اول ساجده محمد خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان ملاقات کي خوشگوار قرار ڏيندي سندن شاندار مهمان نوازي ۽ خلوص تي ٿورن جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطن واري پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾، مالديپ جي خاتون اول ساجده محمد چيو ته انهن کي پاڪستان جي خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪري …
مالديپ جي خاتون اول ساجده محمد پاران خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان ملاقات خوشگوار قرار

مزید خبریں
اسلام آباد- 22 آڪٽوبر (اي پي پي) مالديپ جي خاتون اول ساجده محمد خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان ملاقات کي خوشگوار قرار ڏيندي سندن شاندار مهمان نوازي ۽ خلوص تي ٿورن جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطن واري پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾، مالديپ جي خاتون اول ساجده محمد چيو ته انهن کي پاڪستان جي خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي. هُن ملاقات دوران گرمجوشي سان استقبال، پرخلوص مهمان نوازي ۽ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه تي سندن ٿورا ادا ڪيا. مالديپ جي خاتون اول صدر ۽ پنهنجي اعزاز ۾ ڏنل شاندار سرڪاري ڊنر تي پڻ دل جي گهراين سان ٿورن جو اظهار ڪيو، جيڪو سندن پاڪستان جي سرڪاري دوري دوران ڏنو ويو. هن چيو ته مالديپ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستي گڏيل قدرن، گڏيل احترام ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ پُراڻن محبت جي رشتن تي ٻڌل آهي. اهي قيمتي لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن ۽ وقت جي آزمائش تي پورو لهندڙ دوستيءَ جي عڪاسي ڪن ٿا.











