ڪراچي- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته مير رضا ڪيس ۾ جنهن جي ڪوتاهي ثابت ٿيندي، ان کي سزا ملندي. هن چيو ته سنڌ ڪابينا جي فيصلي تحت ئي جوڊيشل ڪميشن جوڙي وئي هئي ۽ گذريل ڏينهن سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. سنڌ جي وڏي …
مير رضا ڪيس ۾ جنهن جي ڪوتاهي ثابت ٿيندي، ان کي سزا ملندي: شرجيل انعام ميمڻ

مزید خبریں
ڪراچي- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته مير رضا ڪيس ۾ جنهن جي ڪوتاهي ثابت ٿيندي، ان کي سزا ملندي. هن چيو ته سنڌ ڪابينا جي فيصلي تحت ئي جوڊيشل ڪميشن جوڙي وئي هئي ۽ گذريل ڏينهن سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. سنڌ جي وڏي وزير ٽن سينيئر وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي آهي، جنهن ۾ ضياءُ الحسن لنجار، سعيد غني ۽ ناصر شاهه شامل آهن. ڪميٽي رپورٽ جو اڀياس ڪري ڪابينا کي آگاهه ڪندي، جڏهن ته جوڊيشل ڪميشن جيڪي سفارشون پيش ڪندي انهن تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. هڪ بيان ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪنهن هڪ فرد جي غلطيءَ کي پوري کاتي جي غلطي قرار ڏيڻ زيادتي هوندي. اها ساڳي سنڌ پوليس آهي، جنهن وڏا وڏا ڪيس حل ڪري ڏيکاريا آهن. ڪراچي ۾ دهشتگردي، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتا خوري جا واقعا ٿيندا رهيا آهن، ۽ اهڙا واقعا رڳو ڪراچي ۾ ئي نه، پر پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ به ٿيندا آهن. پوليس جو فرض آهي ته شفاف جاچ ڪري ۽ ذميوارن کي سزا ڏياري. هن چيو ته اهو ڪيس پوليس لاءِ به هڪ سبق آهي ته آئنده جلدبازي بدران مڪمل جاچ ڪئي وڃي. ٽرانسپورٽ جي منصوبن بابت سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ اورنج لائن جو منصوبو تيار آهي، جڏهن ته ريڊ لائن منصوبي ۾ يونيورسٽي روڊ تي ڪم هڪ وڏو چئلينج هو. هاڻي يونيورسٽي روڊ تي شهرين کي وڌيڪ پريشانيءَ کي منهن نه ڏيڻو پئجي رهيو آهي، تنهن هوندي به غيرقانوني حد دخلين جا مسئلا موجود آهن. ريڊ لائن جو ڏکيو ۽ تڪليف ڏيندڙ ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، هاڻي اسٽيشنون ۽ ڊپو تعمير ڪرڻا آهن. هن چيو ته يلو لائن تي ڪم شروع ٿيڻو آهي، جڏهن ته ڄام صادق پل جو ٻيو حصو به جلد مڪمل ٿي ويندو. يلو لائن تي ڪم دوران به ٽريفڪ جا ڪجهه مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا، جنهن تي هو شهرين کان اڳواٽ معذرت خواه آهي. هن چيو ته ڏيڍ سال جي تڪليف کانپوءِ شهرين کي سڄي زندگيءَ لاءِ سهولت ميسر ٿيندي ۽ بي آر ٽي لائينن ذريعي سڄو ڪراچي هڪ ٻئي سان ڳنڍجي ويندو، جنهن سان شهرين کي اچ وڃ ۾ سهولت حاصل ٿيندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گرين لائن وفاقي حڪومت جو منصوبو هو، جيڪو سنڌ حڪومت حوالي ڪيو ويو. سنڌ حڪومت حوالي ٿيڻ کانپوءِ گرين لائن تي سفر ڪندڙن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو آهي. اورنج لائن، ريڊ لائن ۽ يلو لائن سنڌ حڪومت جا منصوبا آهن. هن چيو ته نومبر ۾ وڏي تعداد ۾ ڊبل ڊيڪر بسون ڪراچي پهچي رهيون آهن. مسلسل محنت کانپوءِ ڪراچي جو ٽرانسپورٽ جو مسئلو حل ٿي رهيو آهي ۽ شهرين کي بهتر سفري سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. عورتن لاءِ سفري سهولتن ۽ کين بااختيار بڻائڻ جي قدمن بابت شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عورتن لاءِ پنڪ بسون هلايون پيون وڃن ۽ کين مفت پنڪ اسڪوٽيون فراهم ڪيون پيون وڃن. هڪ سال اڳ سڄي سنڌ ۾ رڳو 125 عورتن وٽ موٽر سائيڪل هلائڻ جا لائسنس هئا، جڏهن ته اڄ 50 هزار عورتون موٽر سائيڪل جي لائسنس لاءِ درخواست ڏئي چڪيون آهن ۽ هينئر تائين 25 هزار کان وڌيڪ عورتن کي لائسنس جاري ڪيا ويا آهن. سنڌ ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي هر هنڌ ترقياتي منصوبا جاري آهن. شاهراهه ڀٽو هڪ جديد ترين ۽ معياري منصوبو آهي. ڪراچي پورٽ کان ڪورنگي تائين روڊ تعمير ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ٽرانسپورٽ کاتي پاران ناردرن باءِ پاس ويجهو ٽرڪ اسٽينڊ به تعمير ڪيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته پاڻي کي صاف ڪري استعمال لائق بڻائڻ جو منصوبو شروع ٿي چڪو آهي. ڪراچي ۾ صفائيءَ جي صورتحال بابت شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهر ۾ صفائيءَ جو مسئلو لڳ ڀڳ 95 سيڪڙو حل ٿي چڪو آهي. ڪراچي هڪ تمام وڏو شهر آهي، تنهن ڪري حالتن کي وڌيڪ بهتر ٿيڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو.











