حيدرآباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي حيدرآباد ڊويزن جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي منظوري سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تي قائم ڪيل ٻه رڪني ڪميٽي پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اميدوارن جي مطالبن کي حل ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي جي ٽه رڪني …
بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي هدايتن تي قائم ڪميٽيءَ پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اميدوارن جا مطالبا حل

مزید خبریں
حيدرآباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي حيدرآباد ڊويزن جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي منظوري سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تي قائم ڪيل ٻه رڪني ڪميٽي پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اميدوارن جي مطالبن کي حل ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي جي ٽه رڪني وفد فخر الزمان، حسين بخش چانڊيو ۽ سڪيلڌو چانڊيو پاران پيپلز سيڪريٽريٽ حيدرآباد ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي حيدرآباد ڊويزن جي صدر سينيٽر عاجز ڌامراهه سان ملاقات ڪئي، وفد پنهنجن مطالبن جي حق ۾ اٽڪل ٽن مهينن کان جاري رهندڙ جدوجهد جي ڪاميابي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير تعليم سردار شاهه ۽ سينيٽر عاجز ڌامراهه جي ڀرپور ڪوششن کي ساراهيو. هنن چيو ته سينيٽر عاجز ڌامراهه اسان جي مطالبن کي اعليٰ قيادت تائين پهچائڻ ۾ تمام گهڻو سهڪار ڪيو آهي. ان موقعي تي پي پي حيدرآباد ڊويزن جي صدر سينيٽر عاجز ڌامراهه وفد سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي نوجوانن کي پنهنجي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ برابري جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ سنڌ صوبي ۾ ميرٽ کي فروغ ڏيڻ ۾ يقين رکي ٿي. هن واضح ڪيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خصوصي هدايت تي اها ڪميٽي جوڙي وئي ته جيئن پڙهيل لکيل نوجوانن جي جائز مسئلن کي فوري طور تي حل ڪري سگهجي. سينيٽر عاجز ڌامراهه چيو ته سنڌ حڪومت امتحاني نظام ۾ تبديليون آڻي نوجوانن لاءِ روزگار ۽ چٽاڀيٽي جا نوان موقعا پيدا ڪري رهي آهي ۽ پي پي نوجوانن جي بهتر مستقبل ، ميرٽ جي بالادستي ۽ شفاف امتحاني نظام لاءِ سمورن کنيل قدمن جي مستبقل ۾ پڻ حمايت جاري رکندي.











