لاڙڪاڻو پوليس پاران لاشاري ٿاڻي جي حد مان مبينا مقابلي کان پوءِ ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ هٿيارن سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

لاڙڪاڻو- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس طرفان لاشاري ٿاڻي جي حد مان مبينا مقابلي کان پوءِ ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ هٿيارن سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب لاشاري ٿاڻي جي حد ڪيچي انڙ واري علائقي ۾ پوليس جو ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران پوليس ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ …

لاڙڪاڻو- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس طرفان لاشاري ٿاڻي جي حد مان مبينا مقابلي کان پوءِ ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ هٿيارن سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب لاشاري ٿاڻي جي حد ڪيچي انڙ واري علائقي ۾ پوليس جو ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران پوليس ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ پسٽلن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته مقابلي دوران گرفتار ڏوهارين جي سڃاڻپ ڪراچي واسي مبشر ملڪ ۽ اوستا محمد واسي ديدار ٻٻر طور ٿي آهي، شروعاتي جاچ موجب مقابلي بعد گرفتار ڪيل ڏوهاري مختلف ڏوهي وارداتن ۾ ملوث آهن، جن جي فرار ساٿين جي گرفتاري لاءِ پوليس پاران سرچ آپريشن پڻ ڪيو پيو وڃي، جن کي به جلد قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو.

مزید خبریں