لاڙڪاڻو- 21 آڪٽوبر (اي پي پي)لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪندي اهم ڪاميابيون حاصل ڪري ورتيون آهن. ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان جي هدايتن تي پوليس پنهنجي جاري ڪارراوين ۾ 2 ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي جڏهن ته مختلف ڪاررواين ۾ وڌيڪ 8 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن. پوليس ترجمان موجب لاشاري ٿاڻي جي حد ڪيٽي انڙ واري علائقي ۾ واردات جي نيت سان بيٺل ڌاڙيلن …
لاڙڪاڻو پوليس جون ڏوهارين خلاف ڪامياب ڪارروائي، اهم ڪاميابيون حاصل،2 ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار، مختلف ڪاررواين ۾ وڌيڪ 8 جوابدار گرفتار

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 21 آڪٽوبر (اي پي پي)لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪندي اهم ڪاميابيون حاصل ڪري ورتيون آهن. ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان جي هدايتن تي پوليس پنهنجي جاري ڪارراوين ۾ 2 ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي جڏهن ته مختلف ڪاررواين ۾ وڌيڪ 8 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن. پوليس ترجمان موجب لاشاري ٿاڻي جي حد ڪيٽي انڙ واري علائقي ۾ واردات جي نيت سان بيٺل ڌاڙيلن ۽ گشت تي موجود پوليس آمهون سامهون ٿي پيا، مقابلي دوران ٻنهي پاسن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻن ڌاڙيلن کي زخمي حالت ۾ ٻن پسٽلن سميت گرفتار ڪيو ويو آهي. زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڌاڙيلن جي سڃاڻپ مبشر ملڪ رھندڙ ڪراچي ۽ ديدار ٻٻر رھندڙ اوسته محمد بلوچستان طور ٿي آهي. شروعاتي جاچ ۽ حاصل ڪيل ڄاڻ موجب ڄاڻايل ڌاڙيل کنڊ ۽ ڪپهھ جي گاڏين کي ڦرڻ سميت ٻين سنگين ڏوهن ۽ ڪيسن ۾ ملوث آهن. فرار ڌاڙيلن جي گرفتاري لاءِ پوليس طرفان سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف لاڙڪاڻو پوليس اشتهاري، روپوش ۽ منشيات ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪاررواين دوران مختلف هنڌن تان (08) جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. رتوديرو پوليس باءِ پاس واري علائقي ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي قتل سميت ٻين سنگين ڪيسن ۾ ملوث ۽ روپوش جوابدار علي رضا جلباڻي کي گرفتار ڪري ورتو. حيدري پوليس لهر باءِ پاس واري علائقي ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي قتل ڪيس ۾ ملوث ۽ گهربل جوابدار سجاد راهوجو کي گرفتار ڪري ورتو. رحمتپور پوليس طحه نالي گهربل جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ماهوٽا پوليس منشيات فروشي ۾ ملوث تاج احمد نالي جوابدار کي 8 ڪلو منشيات/ڀنگ سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. دڙي پوليس منشيات ۾ ملوث تراب، رفيق، فضل الله ۽ ظفر نالي چئن جوابدارن کي منشيات/شراب سميت گرفتار ڪري ورتو آهي.











