ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان پاران آمريڪا سان جاري گڏيل فوجي مشقون خطي ۾ جنگ جا نوان خطرا پيدا ڪري رهيون آهن: اتر ڪوريا

پيانگ يانگ - 21 آڪٽوبر (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان جي آمريڪا سان جاري گڏيل فوجي مشقون ٻيٽ نما ڪوريا ۽ اتر اوڀر ايشيا ۾ جنگ جا نوان خطرا پيدا ڪري رهيون آهن. اتر ڪوريا جي سرڪاري خابرو اداري ڪورين سينٽرل نيوز ايجنسي جاري تبصري ۾ چيو آهي، ته ڏکڻ ڪوريا جي فوج ۽ آمريڪي فوج سومر تي وڏي پئماني تي فوجي مشقون هوگوڪ جي شروعار ڪئي، جيڪي …

پيانگ يانگ – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان جي آمريڪا سان جاري گڏيل فوجي مشقون ٻيٽ نما ڪوريا ۽ اتر اوڀر ايشيا ۾ جنگ جا نوان خطرا پيدا ڪري رهيون آهن. اتر ڪوريا جي سرڪاري خابرو اداري ڪورين سينٽرل نيوز ايجنسي جاري تبصري ۾ چيو آهي، ته ڏکڻ ڪوريا جي فوج ۽ آمريڪي فوج سومر تي وڏي پئماني تي فوجي مشقون هوگوڪ جي شروعار ڪئي، جيڪي 30 آڪٽوبر تائين جاري رهنديون.  ڏکڻ ڪوريا اعلان ڪيو آهي ته انهن مشقن ذريعي زميني، سامونڊي ۽ هوائي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ جنگي صورتحال کي عملي مشقن کي تيز ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. هن ڏکڻ ڪوريا جي ان بيان کي فوجي مشقن جي جارحاڻي ۽ چڙ ڏياريندڙ نوعيت جو کليل اعتراف قرار ڏنو. تبصري ۾ جاپان ۽ آمريڪا جي هڪ ٻي وڏي گڏيل فوجي مشق تي به تنقيد ڪئي وئي جيڪا سومر کان شروع ٿي اهي. ڪين سوورڊ جي نالي سان ٿيندڙ انهن مشقن ۾ ايٽمي توانائي تي هلندڙ جهاز بردار سامونڊي ٻيڙو ايس ايس ٿيوڊور روز ويلٽ ۽ ان جا اسٽرائيڪ گروپ حصو وٺندا. جڏهن ته آمريڪا جو جديد سامونڊي جهاز  ميزائيل نظام اين ايم اي ايس آءِ ايس پهريون ڀيرو جاپان ۾ مقرر ڪيو ويندو. ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان خطي جي ٻين ملڪن ۽ اتر ڪوريا خلاف هڪ پراڪسي جنگ ۾ صف اول جو ڪردار ادا ڪرڻ وڃي رهيو آهي جنهن جو مقصد ايشيا پيسيفڪ خطي ۾ نيٽو طرز جو اتحاد جوڙڻ آهي، مضمون ۾ چيو ويو آهي ته اتر ڪوريا پنهنجي خودمختياري جي دفاع جي عزم جو ورجاءُ ڪندو رهندو ۽ پنهنجي دفاع لاءِ اعتماد جوڳي جنگي قوت کي مسلسل جديد بڻائڻ، مضبوط ڪرڻ ۽ ذميواراڻي انداز ۾ ان جو مظاهرو ڪرڻ جو سلسلو جاري رکندو.

مزید خبریں